رحيم فقير ڪلهوڙو

رحيم فقير ڪلهوڙو

رحيم فقير ڪلهوڙو

رحيم فقير ڪلهوڙو: مشھور بزرگ رحيم فقير ولد مکڻ فقير ڪلهوڙي جو جنم 1913ع ڌاري ڳوٺ مکڻ فقير ڪلهوڙي تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو. سندس پيءُ مکڻ فقير حيدرآباد کان لڏي اچي ڳوٺ مهيسري کان ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي مشھور درگاھہ لعل پير جي ويجهو آباد ٿيو، جيڪو پوءِ سندس نالي پويان سڏيو ويو، رحيم فقير جو والد لعل پير جو مريد هو ۽ پنھنجي وقت جو نامور بزرگ هو. رحيم فقير پنھنجي پيءُ کان فيضياب ٿيو ۽ وقت جي عالم بزرگن ۾ ليکجڻ لڳو. هيءُ پهرين ريلوي کاتي ۾ ملازم ٿيو، پر بعد ۾ نوڪري ڇڏي درگاھہ وسايائين، وٽانئس ڪيترائي مريض فيضياب ٿيا، رحيم فقير دماغي مريضن جو روحاني طريقي سميت ڏنڀ وسيلي بہ علاج ڪندو هو. مريضن جي رهائش لاءِ درگاھہ جي چوڌاري لانڍيون ۽ ڪمرا ٺهيل هوندا هئا، جتي مريضن لاءِ رهائش سان گڏ کاڌي جو بہ مفت بندوبست هوندو هو. رحيم فقير مريضن سان گڏ ماني کائيندو هو. هن ڪيترن ئي چرين جو علاج ڪري کين چڱو ڀلو ڪيو. هٿ ۾ شفا هجڻ سبب وٽس سنڌ سميت سڄي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ کان مريض علاج لاءِ ايندا هئا.
رحيم فقير قرآن پاڪ جي تلاوت، درود ۽ ورد وظائف جو پابند هوندو هو. رحيم فقير جي داتا فيض محمد شاھہ جيلانيءَ جي درگاھہ (تعلقي لکي ضلعي شڪارپور) جي سجادہ نشين داتا ولايت شاھہ سان صحبت رهي ۽ وٽس ڳوٺ ايندو رهندو هو.
رحيم فقير ڪلهوڙي 63 سالن جي ڄمار ۾ 1976ع ڌاري وفات ڪئي، جنهن بعد سندس فرزند ميول فقير درگاھہ جو گادي نشين ٿيو. 1990ع ۾ ميول فقير روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ رحيم فقير جو پوٽو محمد الياس فقير ولد ميول فقير هن درگاھہ جو گادي نشين آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو