رحيم ڏنو فقير: رحيم ڏنو ولد ڪريم بخش فقير راهو، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رح جو ويس ڌاري فقير هو. سندس گهر درگاھہ لطيف جي اتر ۾ هو. سندس اوطاق موجودہ وڏي پڙ جي اڀرندي پاسي هئي، جيڪا سندس نالي سان مشھور هئي. سندس تعلق شاھہ لطيف جي راهو ذات جي فقيرن واري خاندان سان هو. هن 1981ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار، شاھہ صاحب جي هجري واري قبرستان ۾ آهي.