رخشان

رخشان: هيءُ مڪران جو سڀ کان وڌيڪ زرخيز ۽ شاداب علائقو آهي. هن واديءَ جو وڏي ۾ وڏو شھر پنجگور آهي. هن جي دريائن جي ڪنارن تي کجين جا لاتعداد وڻ آهن. هتي ٻيا ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن. هيءَ وادي بلوچن جي نظر ۾ هڪ جنت آهي. مڪران جي کجور دنيا جي سڀني ملڪن کان مشھور آهي، جيڪا رخشان واديءَ ۽ ڪيچ ۾ گهڻي پيدا ٿئي ٿي. پنجگور يا رخشان جي ماڻهن جي عام غذا بہ کجور ئي آهي. رخشان واديءَ ۾ کجور کانسواءِ چانور، ڪڻڪ، جو، مڱ ۽ تماڪ جي پوک بہ جام ٿئي ٿي. ڀاڄين ۾ گوگڙو، گجر، ڪدو ۽ واڱڻ ٿين ٿا. هن علائقي ۾ برسات گهڻي پوي ٿي، پر پوک گهڻو ڪري چشمن جي پاڻيءَ تي ٿئي ٿي. رخشان نديءَ جو پاڻي زراعت کي هٿي ڏئي ٿو. هيءَ وادي مڪران جي هڪ زرخيز واديءَ طور مشھور آهي.


لفظ رخشانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو