
ردي
ردي (ڪتاب): هي ڪهاڻين جو مجموعو مشھور اديب ڄيٺي لعلواڻيءَ جو آهي، جنهن جو مهاڳ نامور نقاد هيري ٺڪر لکيو آهي. جڏهن تہ سندس تعارف ڪيرت مھر چنداڻيءَ لکيو آهي. ان کانسواءِ هن ڪتاب تي ڀڳوانداس دولتاڻي ’هوش‘، ليلارام رُچنداڻي ۽ ٽھلرام آزاد جا تاثر بہ موجود آهن. ڪتاب ۾ 13 ڪهاڻيون: سرحد تي، سنڌڻ، ڪانڌي، مڪتي، ممتا جو سلسلو، هڪ ٻي لڏپلاڻ، ٽڪيٽ، دونهاٽيل خوشي، سفر، چبوترو، ردي، سنڌي ماتا، اٽڪيل ساھہ وغيرہ شامل آهن. 80 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 60 روپيا آهي.
هي ڪتاب، اسٽيج پبليڪيشن احمدآباد 2000ع ۾ شايع ڪيو آهي.