رديف

رديف: شاعريءَ جي اصطلاح ۾ رديف جي معنيٰ آهي ’ٻيلهه‘، مصرع جو اهو جزو، جيڪو قافيي کان پوءِ ايندو آهي يا وري اهو حرف يا لفظ جيڪو غزل، قصيدي، نعت، منقبت وغيره جي مصرعن يا بيتن جي آخر ۾ ساڳيو بار بار ايندو رهي. رديف هڪ حرف، لفظ يا ڪيترن لفظن تي مشتمل ٿي سگهي ٿو. قديم نظريي جي حامل لاحقن کي رديف قرار نٿا ڏين، بلڪه انهن لاحقات جي نمائندگي ڪرڻ واري هر حرف کي الڳ نالو ڏنو آهي، پر فارسي ۽ ترڪي عروض ۾ هر نظم جي ٻي مصرعن جي آخر ۾ هڪ ئي رديف دهرايو وڃي ٿو.
رديف جو بنياد ترڪي ٻوليءَ ۾ تيرهين صدي عيسويءَ ۾ پيو، پر شاعريءَ ۾ رديف مخصوص طور فارسيءَ جي ايجاد آهي. قديم ۽ مستند عربي شاعريءَ ۾ رديف صرف ابتدائي شڪل ۾ رديف وارو غزل مردف سڏبو آهي. غزل جي هيٺين بندن ۾ ليڪ ڏنل لفظ رديف جو مثال آهن:
يار سان پيار جي ڳالهه آ،
ڪا ته اقرارَ جي ڳالهه آ.

ٿو اُڏامي پکي واءَ ۾،
لاتِ؟ ٻي پارَ جي ڳالهه آ.

چنڊ لائون لهي ٿو مٿان،
ڪنهن ته ديدار جي ڳالهه آ.


لفظ رديفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو