رديف

رديف: شاعريءَ جي اصطلاح ۾ رديف جي معنيٰ آهي ’ٻيلھہ‘، مصرع جو اهو جزو، جيڪو قافيي کان پوءِ ايندو آهي يا وري اهو حرف يا لفظ جيڪو غزل، قصيدي، نعت، منقبت وغيرہ جي مصرعن يا بيتن جي آخر ۾ ساڳيو بار بار ايندو رهي. رديف هڪ حرف، لفظ يا ڪيترن لفظن تي مشتمل ٿي سگهي ٿو. قديم نظريي جي حامل لاحقن کي رديف قرار نٿا ڏين، بلڪہ انهن لاحقات جي نمائندگي ڪرڻ واري هر حرف کي الڳ نالو ڏنو آهي، پر فارسي ۽ ترڪي عروض ۾ هر نظم جي ٻي مصرعن جي آخر ۾ هڪ ئي رديف دهرايو وڃي ٿو.
رديف جو بنياد ترڪي ٻوليءَ ۾ تيرهين صدي عيسويءَ ۾ پيو، پر شاعريءَ ۾ رديف مخصوص طور فارسيءَ جي ايجاد آهي. قديم ۽ مستند عربي شاعريءَ ۾ رديف صرف ابتدائي شڪل ۾ رديف وارو غزل مردف سڏبو آهي. غزل جي هيٺين بندن ۾ ليڪ ڏنل لفظ رديف جو مثال آهن:
يار سان پيار جي ڳالھہ آ،
ڪا تہ اقرارَ جي ڳالھہ آ.

ٿو اُڏامي پکي واءَ ۾،
لاتِ؟ ٻي پارَ جي ڳالھہ آ.

چنڊ لائون لھي ٿو مٿان،
ڪنهن تہ ديدار جي ڳالھہ آ.


لفظ رديفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو