رزق: سنڌي ٻوليءَ ۾ رزق، روزيءَ جي معنيٰ کاڌ و خوراڪ، داڻو پاڻي، داڻو چوڻو ۽ ڌن دولت ورتي ويندي آهي، پر عربيءَ ۾ ان جي معنيٰ آهي: ”عطا، بخشش ۽ نصيب“. الله تعاليٰ انسان کي دنيا ۾ جو ڪجهه ڏنو آهي، سو سڀ رزق ۾ شامل آهي. حديث ۾ آهي ته الله تعاليٰ هر حمل واري عورت جي پيٽ ۾ هڪ فرشتي کي موڪلي ٿو، جيڪو پيدا ٿيندڙ جو رزق، سندس عمر جي مدت ۽ ان جا ڪم لکي ڇڏي ٿو. الله تعاليٰ وٽ رزق مان مراد ’حلال رزق‘ آهي. الله جو ارشاد آهي ته: ”دنيا جي زندگيءَ جي ٺاهه ٺوهه ۽ شان شوڪت ڏانهن نگاهه کڻي به نه ڏسو، جيڪا اسان مختلف قسم جي ماڻهن کي ڏني آهي. اها ته اسان انهن کي آزمائڻ لاءِ ڏني آهي ۽ توهان جي رب جو ڏنل حلال رزق ئي بهتر ۽ پائيدار آهي. اسان توهان کان ڪو به رزق نه ٿا گھُرون، رزق ته اسان ئي اوهان کي ڏئي رهيا آهيون ۽ سٺي پڇاڙي، پرهيزگاري سان جڙيل آهي.“
قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي: ”تنهنجو رب جنهن لاءِ گھري ٿو رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن لاءِ گھري ٿو تنگ ڪري ٿو، اهو پنهنجي ٻانهن جي حال کان باخبر آهي.“
مطلب ته انساني زندگيءَ جو جن شين تي دارومدار آهي، سي سڀ رزق ۾ شامل آهن ۽ ان رزق جو عطا ڪندڙ رب آهي.