رزق: سنڌي ٻوليءَ ۾ رزق، روزيءَ جي معنيٰ کاڌ و خوراڪ، داڻو پاڻي، داڻو چوڻو ۽ ڌن دولت ورتي ويندي آهي، پر عربيءَ ۾ ان جي معنيٰ آهي: ”عطا، بخشش ۽ نصيب“. ﷲ تعاليٰ انسان کي دنيا ۾ جو ڪجهہ ڏنو آهي، سو سڀ رزق ۾ شامل آهي. حديث ۾ آهي تہ ﷲ تعاليٰ هر حمل واري عورت جي پيٽ ۾ هڪ فرشتي کي موڪلي ٿو، جيڪو پيدا ٿيندڙ جو رزق، سندس عمر جي مدت ۽ ان جا ڪم لکي ڇڏي ٿو. ﷲ تعاليٰ وٽ رزق مان مراد ’حلال رزق‘ آهي. ﷲ جو ارشاد آهي تہ: ”دنيا جي زندگيءَ جي ٺاھہ ٺوھہ ۽ شان شوڪت ڏانهن نگاھہ کڻي بہ نہ ڏسو، جيڪا اسان مختلف قسم جي ماڻهن کي ڏني آهي. اها تہ اسان انهن کي آزمائڻ لاءِ ڏني آهي ۽ توهان جي رب جو ڏنل حلال رزق ئي بهتر ۽ پائيدار آهي. اسان توهان کان ڪو بہ رزق نہ ٿا گهُرون، رزق تہ اسان ئي اوهان کي ڏئي رهيا آهيون ۽ سٺي پڇاڙي، پرهيزگاري سان جڙيل آهي.“
قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي: ”تنهنجو رب جنهن لاءِ گهري ٿو رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن لاءِ گهري ٿو تنگ ڪري ٿو، اهو پنھنجي ٻانهن جي حال کان باخبر آهي.“
مطلب تہ انساني زندگيءَ جو جن شين تي دارومدار آهي، سي سڀ رزق ۾ شامل آهن ۽ ان رزق جو عطا ڪندڙ رب آهي.