رزميه شاعري

رزميه شاعري: رزميه شاعري، واقعاتي شاعريءَ جو اهو نمونو آهي، جنهن ۾ ڪنهن جنگ جي يادگيري، سوڀ، هار، سورهيائيءَ جو نقشو چٽيل هجي. هي عرب دؤر جي قديم رجزيه شاعريءَ وانگر هوندي آهي، جنهن کي رزميه شاعري پڻ چئجي ٿو. رزميه شاعريءَ کي Epic poetry چوندا آهن. هومر جي ايليڊ (Iliad) ان جو اعليٰ مثال آهي. فردوسيءَ جو ’شاهنامو‘ به رزميه شاعريءَ جي دائري ۾ اچي ٿو.
سنڌي ادب ۾ رزميه شاعريءَ جو ابتدائي نمونو سنڌي لوڪ ادب جي تاريخ ۾ ملي ٿو، جيڪو سنڌي لوڪ شاعريءَ جي صنف ’ڳاهه‘ ۾ لکيو ويو آهي. انهن کي ’رزميه ڳاهون‘ چئي سگھجي ٿو. ڳاهه هڪ قسم جو واقعاتي ۽ بياني بيت آهن، ان کي سنڌي بيت جو ابتدائي نمونو چئي سگھجي ٿو. ڳاهه تمام قديم زماني کان ڀٽن، ڀانن ۽ ٻين سگھڙن جي زباني پنهنجو سفر جاري رکيو. سومرن جي دؤر ۾ ڳاهن جو رواج عام هو. رزميه ڳاهون 1150ع کان 1250ع تائين سومرن ۽ سمن جي گجرن سان لڙائين، دودي ۽ چنيسر جي جنگ ۽ ٻين ويڙهاندن بابت عام ملن ٿيون. سومرا دؤر جي ڳاهه جي ٻن اهم شاعرن: ’ڀاڳو ڀان‘ ۽ ’سمنگ چارڻ‘ کانسواءِ ’هان فقير‘، ’ڀرپور شاهه‘، ’بکر جا رضوي سيد‘ ۽ ’پير پٺو‘ به قابل ذڪر آهن. ان دؤر ۾ جيڪي لڙايون ٿيون، تن مان ڪجھه هيٺ ڏجن ٿيون، جن سان منسوب رزميه ڳاهون پڻ ملن ٿيون.
(1) سومرن ۽ گجرن جون لڙايون: 1150ع کان 1250ع واري زماني ۾ سومرن ۽ گجرن جي وچ ۾ لڙايون ٿيون. هڪ ڀيري صلح ٿيو ۽ سومري حاڪم ڀونگر گجرن کي سڱ ڏيڻو ڪيو، پر ڀونگر جي پٽ ’ڏونگر راءِ‘ صاف انڪار ڪيو. انهيءَ ڪري گجرن سومرن تي ڪاهيو. ڏونگر جو ڀاءُ دودو انهن ڏينهن ۾ ڪاوڙجي دلو راءِ وٽ وڃي رهيو هو، ڏونگر هڪ قابل چارڻ جي هٿان دودي ڏانهن نياپو موڪيلو، دودو ڪاوڙيل هو، سو چارڻ کي چيائين ته ”جيڪڏهن هيڻا ٿيا آهن ته ڪنهن ٻانهيءَ جو سڱ ڏئي صلح ڪن.“ ان جي جواب ۾ چارڻ چيس:
جـر نه کـٽن ڪنـگرين، راوَ نه ڳنڍين ويڻ،
گولي وئي گجرين، ته به چوندا دودي ڀيڻ.
(2) سومرن ۽ علاؤالدين جي جنگ: هي قصو سومرن ۽ علاؤالدين جي لڙائيءَ تي ٻڌل آهي، هيءَ لڙائي 1313ع ڌاري لڳي، جنهن کي ان زماني ۾ ڀاڳو ڀان مشهور ڪيو، جيئن ته هيءَ هڪ قومي جنگ هئي، ان ڪري تمام گھڻو مشهور ٿي. ان لڙائيءَ سان تعلق رکندڙ ڪجھه رزميه ڳاهون هيٺ ڏجن ٿيون:
اڀ سڀ ڪنهن اڇو، اڀ نه اڇو ڪوءِ،
مئي به مٿي ٿيو، سورهيه سر سندوءِ.

آڙ آڌي هئي ابڙي، نو ڇليون، ڏهه لک،
گھوڙي ڪنڌ نه ڦيريو، ماري اوءِ خلق.
ان لڙائيءَ ۾ ڄام ابڙي سومرن جون سامون جھليون هيون، مٿيان بيت ابڙي سمي جي سورهيائيءَ بابت آهن.
(3) ڄام هالي ۽ همير سومري جي جنگ: دودي جو پٽ همير سومرو هو، جنهن عمرڪوٽ کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو، ڄام هالي جي ڌيءَ ٻاگھي ساڻس پرڻيل هئي، ٻاگھيءَ جو ڀاءُ هوٿي جڏهن ڀيڻ سان ملڻ آيو ته همير سومري جي اڳوڻي زال مان ڄاول ڌيءَ جيجڙيءَ کي ڏسي مٿس موهجي پيو، جڏهن واپس ويو ته پيءُ کي چيائين: ”مون کي همير جي ڌيءُ جيجڙيءَ سان پرڻاءِ“ پر همير انڪار ڪيو ۽ ٻاگھيءَ به کيس ان ڳالهه کان روڪيو، جنهن تي همير ٻاگھيءَ کي به حويليءَ مان ڪڍي ڇڏيو. ڇو ته همير جي ڌيءَ جيجڙي، ٻاگھيءَ جي ويڳيءَ ڌيءُ سمان هئي ۽ ان حوالي سان هوٿيءَ جي پڻ ڀاڻيجي ٿي ٿي. بهرحال ٻاگھي پيءُ وٽ وڃڻ بجاءِ اباڻي خدمتگار ’سيڪري‘ سان ٻاهر حويلي ٺاهي ويهي رهي. سيڪري مارجي ويو، ان کانپوءِ ڄام هالي جا پٽ هوٿي ۽ علي چڙهائي ڪري آيا.
ڀــلي پـــاڻـــي نـــه پـيـئـي، عـلـي ان نـه کـاءُ،
هميراڻي ڪوٽ سان، جان جان جنگ نه ڪياءِ،
ان جنگ ۾ ڄام هالي جي فتح ٿي ۽ همير سومرو مارجي ويو.
مٿي بيان ڪيل چند واقعا سنڌي رزميه شاعريءَ جو بنيادي محرڪ آهن. وقت گذرڻ سان رزميه شاعري مختلف دؤرن ۾ پنهنجي موضوعاتي شناخت ته قائم رکي، پر ان جي بيان جا گھاڙيٽا تبديل ٿيندا رهيا. رزميه ڳاهه جي ابتدائي صورت کان ويندي عروضي شاعريءَ جي پابند صنفن تائين رزميه شاعريءَ پنهنجو سفر جاري رکيو ۽ جنگ نامن کان وٺي بيت تائين مختلف موقعن ۽ دؤرن ۾ ان جو اظهار ٿيندو رهيو. سنڌيءَ ۾ شروعاتي جنگ ناما مثنويءَ جي صنف ۾ لکيا ويا، جن ۾ 1873ع ۾ لکيل سڪندرناما، غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائيءَ جو سڪندرنامو 1311هه/1893ع، غلام محمد نظاميءَ جو سڪندرنامو، گل محمد رند جو سڪندرنامو، مير حسن علي خان حسن جا شهنشاهه نامه يا حمله حيدري ۽ سنڌ جو شاهنامو به رزميه شاعريءَ جا اهم مثال آهن، جنهن کانپوءِ رزميه بيت مشهور جنگي موقعن تي لکيا ويا آهن. مخدوم غلام محمد بُگائيءَ مخدوم عبدالرحمٰن کهڙن واري جي شهادت جو واقعو منظوم ڪيو، جمن چارڻ، ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ قلات جي حاڪم عبدالله بروهيءَ جي وچ ۾ ٿيل لڙائيءَ جو رزميه داستان منظوم ڪيو، اهي رزميه شاعريءَ جا ٻه اهم ۽ عمدا نمونا آهن.
ڪلهوڙا دؤر ۾ قلات جي خان عبدالله جو لشڪر محال ڪڇي، محال ڀاڳ ناڙي ۽ لاڙڪاڻي تي حملا ڪري ڦرون ڪندو رهندو هو، آخرڪار تنگ ٿي ميان نور محمد ڪلهوڙي لاڙڪاڻي جي گورنر شاهه بهاري جي سرواڻيءَ ۾ لشڪر موڪليو. 1144هه مطابق 1731ع ڌاري جنڌير وٽ جنگ لڳي، جنهن ۾ عبدالله خان سوين ساٿين سوڌو مارجي ويو. ان جنگ جو احوال جمن چارڻ بيتن ۾ ڏنو آهي. ان کانسواءِ احسان فقير لانگاهه جو ڪيڏارو به رزميه شاعريءَ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ان کان سواءِ ڪربلا واري واقعي جي حوالي سان سيد ثابت علي شاهه جي مرثين ۾ به اهي عڪس موجود آهن:
ڪــربــلا جــي قــتل جي ڪر ڪا خبر اي آسمان!
ڪيئن ڏٺئي نيزي چڙهيا شاهن جا سر اي آسمان!
سيد ثابت علي شاهه جي مرثيه گوئيءَ ۾تقريباً ڪربلا جو ئي ذڪر موجود آهي. امام حسين عليه السلام جي شهادت متعلق سيد خير شاهه جو جنگ نامو به رزميه سنڌي شاعريءَ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، جيڪو مخمس ۽ ڏوهيڙن تي مشتمل آهي. نم فقير مڱڻهار لسٻيلي جون جنگيون بيتن ۾ بيان ڪيون آهن.
ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف جو ’ڪيڏارو‘ به رزميه شاعريءَ جي زمري ۾ اچي ٿو:
ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جھيڙيندي ڇڏيا،
ڪارا ڪُند هٿن ۾، اڙل وڇيرا هيٺ،
ٿي تنين سين ڏيٺ، مرڻ جن مشاهدو.
-
ڀــــڳــــو آءٌ مَ چــــوان، مــــاريـــو تـه وسهان،
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُونهان،
ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.
شاهه لطيف جا مٿيان بيت سنڌي رزميه شاعريءَ جو اعليٰ مثال آهن. ان کانسواءِ خليفي نبي بخش قاسم جي سر ڪيڏاري کي سنڌي شاعريءَ ۾ منفرد سڃاڻپ آهي، جنهن ۾ کرڙيءَ جي ميدان تي ٽالپرن جي لشڪر ۽ شاه شجاع پٺاڻ جي وچ ۾ لڳل لڙائيءَ (1834ع) جي باري ۾ چيل سُر ڪيڏاري ۾ هن سنڌي سورهين جي نهايت دليريءَ ۽ جرئتمنديءَ سان وڙهندي سر صدقو ڪرڻ جي حوالي سان جنگ جي نظاري کي منظوم ڪيو آهي. اهو رزميه شـاعريءَ جو عمدو ۽ اعليٰ نمونو آهي:
کــرڙي کــائـــي رت، ڀت نه وجھي وات ۾،
پــڙ ۾ پــهـــلــوانــن جـي ويٺي پرکي پت،
جنين نيڻن نست، نينهن نه لائي تن سين.
-
مٿي آرڻ اڄ، ڪونڌ ڪڏندي آئيا،
پـڙ ۾ پـهــلوانن کي، لڏڻ ڏي نه لڄ،
ڀـيٽـو وڃن ڀڄ، سائو ٿين سامهان.
خليفي نبي بخش جي رزميه شاعريءَ کي سنڌي رزميه شاعريءَ ۾ اهم مقام حاصل آهي.
جديد سنڌي شاعريءَ ۾ تنوير عباسيءَ جو ’ڪيڏارو‘، نياز همايونيءَ جو طويل نظم ’ساڻيهه جي ساک‘، استاد بخاريءَ جو ڪتاب ’ڪيڏارو‘، خاڪي جويي جو طويل نظم ’آسڻ جا آريج‘ رزميه شاعريءَ جا مثال آهن.


لفظ رزميه شاعريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو