رسالة الحقوق (ڪتاب): هيءُ ڪتاب حضرت امام علي بن الحسين زين العابدين عليہ السلام جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ امام زين العابدين عليہ السلام هر حق بابت وضاحت بيان ڪئي آهي.
هي ڪتاب ستن بابن تي مشتمل آهي، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) ’حق ﷲ‘ جنهن ۾ ﷲ جي حق جي وضاحت آهي،
(2) ’حقوق الاعضاء‘ (عضون جا حق)،
(3) ’حقوق الافعال‘ (فعلن/ عملن جا حق)،
(4) ’حقوق الائمة‘ (پيشوائن جا حق)،
(5) ’حقوق الرعية‘ (رعيت جا حق)،
(6) ’حقوق الرحم‘ (رشتيدارن جا حق)،
(7) ’حقوق الناس‘ (انسانن جا حق).
حضرت امام زين العابدين عليہ السلام جي هيءَ تحرير اصل ۾ عربيءَ ۾ آهي، جيڪا 48 ٻولين ۾ ترجمو ٿي شايع ٿي چڪي آهي. فارسيءَ ۾ ايران ۽ هندستان (نول ڪشور) مان ڪيترا ڀيرا هي ڪتاب شايع ٿي چڪو آهي، اردوءَ ۾ ’البلاغ المبين السلامي تحقيق و اشاعتي ادارہ‘ بہ هن ڪتاب کي ٽي ڀيرا شايع ڪيو آهي. سنڌيءَ ۾ هن ڪتاب جو ترجمو مرزا عباس علي بيگ ڪيو آهي. هن ڪتاب جا ڪيترا ڇاپا ايران، هندستان ۽ پاڪستان مان شايع ٿي چڪا آهن. رسالة الحقوق ڪتاب ديني مدرسن ۾ لازمي طور پڙهايو وڃي ٿو.