رسالة السيد عبداللطيف بٽائي رح (ڪتاب): ڊاڪٽر فضل رحيم سومري ولد حڪيم محمد امين سومري سنڌ جي سدا حيات صوفي شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو عربي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو هو. هن شاھہ جي رسالي جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪري عربي پڙهندڙن کي شاھہ جي آفاقي ڪلام ۽ اعلى مقام کان روشناس ڪرايو. هن ترجمي کانپوءِ عرب دنيا کي اعلى مرتبي واري جو شاعر شاھہ لطيف جي آگاهي ٿي، سندس ترجمي ڪيل ’شاھہ جي رسالي‘ جو محدود ڪاپيون شايع ٿيون، هن وقت هي رسالو اڻلڀ آهي. هن رسالي جو 8 اپريل 1984ع تي اڳوڻي وفاقي وزير دفاع مير علي احمد خان ٽالپر افتتاح ڪيو هو.