رسالت: ’رسالت‘ لفظ جي معنيٰ نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾، پيغمبري، نبوت ۽ سفارت ڄاڻائي آهي. اسلامي شريعت جي اصطلاح موجب ﷲ تعاليٰ رسالت جو منصب پنھنجي انهيءَ برگزيده بندي کي عطا ڪندو آهي، جنهن کي هن پاڻ خود پنھنجي پيغام پهچائڻ لاءِ منتخب ڪيو هجي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته، (1) ”رسول منتخب ڪرڻ ﷲ جو پنهنجو ڪم آهي“ (سورة حج، 75). (2) ”ﷲ تعاليٰ بهتر ڄاڻي ٿو تہ رسالت جو منصب ڪٿي ۽ ڪنهن کي سونپڻو آهي.“ (سورة انعام: 124). (3) ”سڀني رسولن جو پيغام اهو هو تہ ﷲ کانسواءِ ٻيو ڪو بہ معبود نہ آهي.“ (سورة انبياء: 25).
قرآن مجيد مطابق ڇھہ رسول ’الوالعزم‘ آهن: (1) حضرت آدم عليہ السلام، (2) حضرت نــوح عـليــه الـســلام، (3) حضرت ابراهيم عليہ السلام، (4) حضرت مـوســيٰ عليہ السلام، (5) حضرت عيسيٰ عليہ الـسـلام ۽ (6) حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم. انهن ڇھن الوالعزم رسولن کانسواءِ ٻيا رسول پڻ ﷲ پاڪ انسانن جي رهنمائيءَ ۽ اصلاح لاءِ هن دنيا ۾ وقت بہ وقت موڪليندو رهيو، جن جو تعداد اڻ ڳڻيو آهي.