رسالت

رسالت: ’رسالت‘ لفظ جي معنيٰ نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچجامع سنڌي لغات‘ ۾، پيغمبري، نبوت ۽ سفارت ڄاڻائي آهي. اسلامي شريعت جي اصطلاح موجب تعاليٰ رسالت جو منصب پنھنجي انهيءَ برگزيده بندي کي عطا ڪندو آهي، جنهن کي هن پاڻ خود پنھنجي پيغام پهچائڻ لاءِ منتخب ڪيو هجي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته، (1) ”رسول منتخب ڪرڻ جو پنهنجو ڪم آهي“ (سورة حج، 75). (2) ” تعاليٰ بهتر ڄاڻي ٿو تہ رسالت جو منصب ڪٿي ۽ ڪنهن کي سونپڻو آهي.“ (سورة انعام: 124). (3) ”سڀني رسولن جو پيغام اهو هو تہ کانسواءِ ٻيو ڪو بہ معبود نہ آهي.“ (سورة انبياء: 25).
قرآن مجيد مطابق ڇھہ رسول ’الوالعزم‘ آهن: (1) حضرت آدم عليہ السلام، (2) حضرت نــوح عـليــه الـســلام، (3) حضرت ابراهيم عليہ السلام، (4) حضرت مـوســيٰ عليہ السلام، (5) حضرت عيسيٰ عليہ الـسـلام ۽ (6) حضرت محمد صلي عليہ وسلم. انهن ڇھن الوالعزم رسولن کانسواءِ ٻيا رسول پڻ پاڪ انسانن جي رهنمائيءَ ۽ اصلاح لاءِ هن دنيا ۾ وقت بہ وقت موڪليندو رهيو، جن جو تعداد اڻ ڳڻيو آهي.


لفظ رسالتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو