رسالو حيدري سنڌي: هي رسالو فقير غلام حيدر تيرهيي جو لکيل آهي، جيڪو سنڌي ڪافين ۽ بيتن تي مشتمل آهي. هن رسالي کي حبيب ﷲ سُڌاري نقل ڪيو، جنهن کي ماستر هريسنگهہ پنھنجي خرچ سان ڇپائي پڌرو ڪيو. هن رسالي جو پهريون ڇاپو 1890ع ۾ لاهور جي مصطفائي پريس ۾ حافظ محمدالدين ڇپيو، جنهن جي قيمت 8 آنا ڄاڻايل آهي.