
رسالو ريحاني
رسالو ريحاني (ڪتاب): هي اسلامي شعرن جو مجموعو شيخ محمد حسن علوي ريحانيءَ جو لکيل آهي، جيڪو بيتن تي مشتمل آهي. بيت 12 داستانن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ مختلف اهم اسلامي واقعن کي پيش ڪيو ويو آهي. جڏهن تہ ڪتاب جي پڇاڙي ۾ مولود، مداحون ۽ ڪافيون ڏنيون ويون آهن. ڪتاب ۾ شامل داستان: (1) توحيد، (2) التجا، (3) پيدائش ملائڪ، (4) پيدائش آدم عليہ السلام، (5) پيدائش حضرت ابراهيم عليہ السلام، (6) قصو حضرت يوسف عليہ السلام، (7) پيدائش حضرت موسيٰ عليہ السلام، (8) پيدائش حضرت دائود عليہ السلام، (9) پيدائش انبياء ڪرام عليہ السلام، (10) عرب جي حالت ۽ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم، (11) حضرت جن کي نبوت جو ملڻ، وحيءَ جو نزول ۽ مذهب اسلام جي تبليغ ۽ تڪليفون ۽ (12) غار حرا ۾ وڃڻ، هجرت ڪرڻ، جنگ بدر، احد، خندق، صلح حديبيه، اسلام لاءِ دعوت ناما موڪلڻ ۽ جنگ خيبر جي عنوانن تي آڌاريل آهن. سمورا شعر اسلامي جذبو پيدا ڪندڙ آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ محمد اسماعيل عرساڻيءَ لکيو هو. هـي ڊيـمـي سـائيـز 192 صفحن تي مشتمل ڪتاب 1957ع ۾ قرآن پريس حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنهن جي قيمت 5 روپيا آهي.