رستم علي سيد، مولوي/ بکري: سنڌي قوم جي جن بزرگن سنڌ کان ٻاهر نالو ڪڍيو، تن مان مولوي سيد رستم علي بکري بہ هڪ آهي. سندس نسب جو سلسلو ڏهين پيڙهيءَ ۾ حضرت امام علي نقي عه سان ملي ٿو. سندس پيءُ سيد اسماعيل، علي واهڻ (روهڙي) جي جاگير جي مالڪ ۽ سجادہ نشين بزرگ مولانا سيد محمد اسحاق جو پُٽ هو، جيڪو سنڌ ڇڏي ﷲ آباد (يو.پي) هليو ويو ۽ ﷲ آباد لڳ هڪ ڳوٺ ’ڪوڙجهان آباد‘ ۾ اچي سيد حاتم عليءَ جي نياڻيءَ نور بي بيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان سيد رستم علي پيدا ٿيو.
رستم عليءَ جو نالو سندس ناني سيد حاتم عليءَ رکيو هو، جڏهن تہ سندس پيءُ سندس نالو محمد يعقوب رکيو هو. پاڻ اڃا ٻارهن سالن جو مس ٿيو تہ سندس والدہ گذاري وئي. هن تعليم جي حصول لاءِ رامپور ويو، جتي مولوي نور عالم ۽ مولوي امام بخش وٽ ڪيترائي ڪتاب پڙهيو. منطق ۽ فلسفو مولانا بحرالعلوم وٽ پڙهيائين. سندس دستاربنديءَ جي جلسي ۾ پڳ جو پهريون ور مولانا سيد جمال الدين (شاگرد شاھہ ولي ﷲ دهلويءَ) ڏنو ۽ ان ئي پنھنجي نياڻيءَ سان سندس شادي ڪرائي. ان کانپوءِ هو هميشہ لاءِ رامپور ۾ رهجي ويو. سڄي زندگي ڪنهن امير جي دروازي تي نہ ويو. نواب فيض ﷲ خان والي رامپور کان ڪجهہ وظيفو ملندو هوس، جنهن تي گذارن ڪندو هو. هميشہ تدريس ۽ تاليف جو ڪم ڪندو رهيو. هن حافظ محمد امين نتوڙي (ضلع بجنور) کان بيعت ۽ خلافت حاصل ڪئي، جنهنڪري وٽس باطني فيض حاصل ڪرڻ وارا بہ ايندا هئا. وڏو پرهيزگار هو. حاشيہ صدرا (فلسفو) ۽ تقارير سبح، سندس تصنيفون آهن. توڪلي ايترو هو، جو نواب فيض ﷲ کان مليل جاگير جي سَنَد بہ واپس ڪري ڇڏيائين. سندس خليفو ۽ شاگرد مولوي حفظ ﷲ بزرگن جي حالات تي ڪتاب لکي رهيو هو. کيس پنھنجي تعريف ۽ احوال لکڻ کان سختيءَ سان منع ڪيائين. مولوي رستم علي 63 سالن جي عمر ۾ چار فرزند ڇڏي 21 ذي القعد 1240ھہ/1824ع ۾ انتقال ڪيو ۽ رامپور ۾ ئي دفن ٿيو.