رستم ۽ سهراب جي خيالي تصوير

رستم ۽ سهراب جي خيالي تصوير

رستم ۽ سهراب1

رستم ۽ سهراب1: ايران جي لوڪ ادب، رزميه شاعريءَ ۽ تاريخ ۾ دلير، بهادر ۽ جنگجو ۽ ڪرشماتي شخصيت جي مالڪ رستم جو جنم، ضال (Zal) جي گهر ۾ ٿيو. سندس والده جو نالو رديا ۽ ڏاڏي جو نالو سام (Sam) هو. سندس تعلق شاهي گهراڻي سان هو. سهراب، رستم جو پٽ هو. رستم جي والد کي نجومين گهڻو وقت اها اڳڪٿي ٻڌائي هئي ته کيس جيڪو اولاد ٿيندو، سو انتهائي حسين، هوشيار ۽ بهادر هوندو. جڏهن سندس زال جي ويم جو وقت ويجهو آيو ته هو پريشان ٿي ويو، ڇو ته ان جو ويم سولائيءَ سان نه پئي ٿيو. آخر هڪ ڏندڪٿائي روايت مطابق ان جو آپريشن ڪيو ويو ۽ ٻار پيدا ٿيو، جنهن جو نالو رستم رکيو ويو، جنهن جي معنيٰ ’بهادر، دلير‘ آهي.
تاريخون لکن ٿيون ته رستم بهادريءَ جا جوهر ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ ئي ڏيکارڻ شروع ڪيا. هڪ ڀيري بادشاهه يعني سندس ڏاڏي جو هاٿي مست ٿي پيو ۽ جاني نقصان جو خطرو بڻجي پيو ته رستم پنهنجي ڏاڏي سام جي لوهي گُرز جي هڪ ئي وار سان ان کي ختم ڪري ڇڏيو.
ان وقت جا نامور بادشاهه ۽ فاتح پنهنجي مشهور گهوڙي ۽ گهوڙي سواريءَ جي ڪري مشهور هئا ۽ سندن خاص گهوڙي کي مخصوص نالو ڏنل هوندو هو. ساڳيءَ طرح رستم جي گهوڙي جو نالو تاريخ ۾ ’رخش‘ لکيو ويو آهي، جيڪو مرڻ وقت تائين ساڻس گڏ رهيو ۽ هر جنگ ۽ مصيبت ۾ سندس سواريءَ جو ذريعو هوندو هو.
رستم جي پهرين جنگي مهم سپند جبل (’مائونٽ سيپينڊ‘ (Mount Sapend جي قلعي تي قبضو هو، جنهن مان کيس ڪافي دولت هٿ آئي ۽ ائين سندس مهم جوئي هلندي رهي. روايتن ۾ سندس محبت جو واقعو هن ريت ڄاڻايل آهي ته هڪ ڀيري هو شڪار سانگي پيش قدمي ڪندو ’توران‘ (Toran) جي حدن مان وڃي نڪتو، شڪار کان پوءِ هن پنهنجو گهوڙو ’رخش‘ چراگاهه ۾ ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ آرام ڪرڻ لاءِ ليٽي پيو ۽ سندس اک لڳي وئي. سندس اک لڳڻ کانپوءِ ڪي ماڻهو سندس گهوڙو چورائي ويا. جڏهن سندس اک کلي ته کيس گهوڙو نظر نه آيو. هو گهوڙي جا پيرَ کڻندو سمنگن رياست ۾ وڃي نڪتو. جڏهن اتي جي بادشاهه کي خبر پئي ته هو فوراً رستم وٽ آيو، رستم کيس عرض ڪيو ته، کيس سندس گهوڙو موٽائي ڏنو وڃي. ٻيءَ صورت ۾ سُٺو نه ٿيندو. بادشاهه کيس تسلي ڏيندي چيو ته هو هاڻي ئي ان ڏس ۾ هدايتون موڪلي ٿو ۽ توهان کي پنهنجو گهوڙو ملي ويندو. کيس پنهنجي محل ۾ وٺي سندس خاطر تواضح ڪيائين ۽ کيس سمهڻ لاءِ عاليشان ڪمرو ڏنو ويو. جڏهن اڌ رات گذري ته ڪن آوازن تي سندس اک کُلي پئي ۽ ڏٺائين ته هڪ حسين شهزادي پنهنجيءَ ٻانهيءَ سان گڏ ڏانهس وڌي رهي آهي. راڻيءَ کيس ٻُڌايو ته هوءَ هن رياست جي بادشاهه جي ڌيءُ تهمينه آهي ۽ هوءَ سندس بهادريءَ جا قصا ٻُڌي ساڻس محبت ڪري ٿي. رستم جي دل اها جرئت ۽ همت ڏسي ميڻ وانگر پگهري وئي ۽ ٻئي هڪٻئي جي محبت جي ٻنڌڻن ۾ ٻَڌجي ويا. جڏهن رستم کي گهوڙو مليو ته هو محبوبا سان انيڪ وعدا ۽ وچن ڪري پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي ويو. وقت گذرندو رهيو، 9 مهينن کان پوءِ تهمينه کي سهراب ڄائو، جيڪو آخر وڏو ٿيو. سهراب ماءُ کان پنهنجي پيءُ جو نالو پڇيو ۽ هن کيس سربستو احوال ڪري ٻُڌايو ۽ اها نشاني به سندس ٻانهن ۾ ٻَڌي جنهن جي تلقين رستم کيس ڪئي هئي. وقت گذرندو رهيو ۽ سهراب به جوان اچي ٿيو. سندس طبيعت، مزاج ۽ بهادري بلڪل پيءُ جهڙي هئي. ان ڪري تورانين جي بادشاهه کيس پنهنجي لشڪر ۾ کنيو ۽ ايران جي خلاف جنگ جوئيءَ لاءِ روانو ڪيو. ٻئي طرف رستم جنگ جي اڳواڻي ڪري رهيو هو ۽ پيءُ ۽ پٽ جو مکا ميلو ٿيو. جنگ هلندي رستم سهراب کي وار سان ميدان تي ڪيرائي وڌو، پر هو ان وقت دنگ رهجي ويو، جڏهن هن سهراب جي ٻانهن ۾ تهمينه کي ڏنل نشاني ٻَڌل ڏٺي ۽ ان افسوس تي روئندو رهيو ته هن پنهنجي پٽ کي ئي قتل ڪري ڇڏيو. رستم جو هڪ ويڳو ڀاءُ ’شگهاد‘ هو، جيڪو رستم جي مشهوريءَ ۽ دليريءَ سبب کانئس حسد ڪندو هو. ان ڪري مختلف سازشون سٽيندو ۽ دشمنن کي هُشيون ڏيندو رهندو هو.
آڳاٽي ڏندڪٿا موجب البورز (Alborz) ۾ ڪولاڪ چل (Kolak Chall) نالي، ڊائيوسيپڊ (Div-e-Sepid) جو محل هو، ان شخص کي رستم قتل ڪيو هو. ڪجهه سال پوءِ ان شخص جو پٽ شابرنگ (Shabrang) رستم تي هلان ڪري آيو ۽ ڪولاڪ چل ۾ جنگ لڳي، جتي رستم جو موت واقع ٿيو. ايران جي تاريخ ۽ فردوسيءَ جو شاهنامو، رستم ۽ سهراب جي بهادريءَ وارن قصن سان ڀريل آهي.
ايران جا ڪرد، جيڪي زيگوراس جي اوچين چوٽين جا رهاڪو آهن، پاڻ کي آريا چورائين ٿا. سندن ٻوليءَ جو لهجو پهلوي زبان سان ملي ٿو. رستم سندن لوڪ ادب جو هيرو آهي. هو پاڻ کي رستم جا پونير سڏائين ٿا.
اڄ به سنڌ جي ماڻهن وٽ رستم بهادريءَ جو اهڃاڻ آهي. ڪيترن پهلوانن ۽ ملهن کي رستم جو خطاب ڏنو ويو آهي، جيئن رستم پاڪستان، رستم سنڌ وغيره. ’رستم ۽ سهراب‘ بابت سنڌيءَ ۾ هڪ قصو به ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو