رستم (شھر): رستم، شڪارپور ضلعي جو هڪ اهم شھر آهي، جنهن جي پکيڙ ٽي ڪلوميٽر چورس آهي. هي شھر اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 25 ڊگرين تي بيٺل آهي.
روايت آهي تہ هي شھر رستم خان مھر ٻڌايو هو. هي شھر شڪارپور اسٽيشن کان 8 ميلن جي پنڌ تي آهي. هتي گيھہ، چانور ۽ ٻئي اناج جو واپار هلي ٿو. هتي واڻ ۽ ٺڪر جا ٿانو عمدا ٺھن ٿا. ان کان سواءِ هتان جا ڳاڙها مرچ ۽ تماڪ بہ مشھور آهي. ڪن محققن جي راءِ موجب تہ هي شھر اصل ۾ هندن جو اڏايل هو، جو تاريخي تجزيي مان معلوم ٿئي ٿو تہ هي شھر رستم مھر جو ٻڌايل نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ مھر هن خطي ۾ ارغون دور ۾ آيل ڏسجن ٿا، جڏهن تہ رستم عرب دور حڪومت کان بہ اڳ جو آباد شھر آهي. رستم شھر ۾ قديم زماني کان وٺي هندو آباد هئا، جڏهن تہ مختلف ذاتين جا مسلمان مختلف ڳوٺن ۽ شهرن کان لڏي اچي آباد ٿيا.
1946ع تائين رستم ۾ اڪثر اڏايل خوبصورت جايون سڀ هندن جون آهن. رستم جو علائقو معاشي طور خوشحال رهيو آهي. هندن جي زماني تائين هتي وڏي اناج منڊي هئي. هن شھر جي چوڌاري تمام گهڻو وکر ٿيندو هو. رستم شھر ۾ آڏاڻن تي ڪپڙو بہ تيار ٿيندو هو، جيڪو ٻين شهرن ڏانهن موڪليو ويندو هو.
هتان ڪيترا اديب ۽ شاعر نروار ٿيا، جن ادبي خدمتون انجام ڏنيون. هاسانند پرسواڻي رستم وارو شيخ اياز جو استاد هو، (جنهن اياز کي شڪارپور ۾ پڙهايو هو) ۽ ٻيا ڪيترائي قابل ذڪر آهن، جن ۾ هن وقت گوهر سنڌي، شريف شاد سومرو اچي وڃن ٿا.
انتظامي لحاظ کان هي شھر تعلقي لکي ۽ ضلعي شڪارپور ۾ شامل آهي ۽ ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو رکي ٿو.
رستماڻي، ڊاڪٽر ڪرم علي: ڊاڪٽر ڪرم علي رستماڻيءَ جو جنم، 10 آڪٽوبر 1966ع تي نوابشاھہ ۾ ٿيو، مئٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاھہ مان ڪيائين ۽ ايم بي بي ايس جو امتحان ايل. ايم. سي ڄامشوري مان ڏئي ڊاڪٽر ٿيو.