رسول

رسول: رسول، تعاليٰ جو مقبول ٻانهو آهي، جنهن کي تعاليٰ انسانن تائين پنهنجو پيغام پهچائڻ لاءِ دنيا ۾ موڪليندو رهيو آهي. رسول ۽ نبيءَ ۾ اهو فرق آهي تہ رسول هڪ ئي وقت رسول سان گڏ نبي بـه هـوندو آهـي، لـيڪـن نبيءَ لاءِ ضـروري ناهي تہ اهو رسول بہ هجي. قرآن پاڪ جي مختلف سورتن ۾ اچي ٿو تہ: ”رسول چونڊڻ تعاليٰ جو ڪم آهي“ (الحج: 75). ”ڇو تہ اهو ئي بهتر ڄاڻي ٿو تہ رسالت جو منصب ڪٿي ۽ ڪنهن کي سونپڻو آهي“ (انعام: 134). ” تعاليٰ مڪمل حجت لاءِ رسول موڪلي ٿو، جيئن اهي ماڻهن کي ڊيڄارڻ ۽ خوشخبري ڏيڻ جو فرض ادا ڪن“ (النساء: 165). ” تعاليٰ هر ڳوٺ ۽ شھر ۾ پنهنجو رسول موڪليو، مگر هر امت منجهان ڪن پنھنجي رسول کي ڪوڙو سڏيو.“ (آل عمران: 1841).
رسول سڀئي انسان هئا ۽ انسانن وانگر کائيندا پيئندا هئا (الفرقان: 21) سڀئي (رسول) چٽا ۽ صاف دليل کڻي آيا. (الروم: 47) سڀني جو پيغام هڪ ئي هو تہ تعاليٰ کان سواءِ ڪو بہ معبود ناهي. (الانبياء: 25) انهن رسولن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت حاصل هئي. (بقرہ: 253) سڀني رسولن کي حڪم هو تہ اهي پاڪيزہ شيون کائين ۽ صالح عملن تي قائم رهن. (المؤمنون: 51) سڀ رسول پنھنجي پنھنجي امـت ۽ پنهـنجـي پنهنجـي زمـانـي يـا وقـت لاءِ هئا، پر حضرت محمد (صلي عليہ وسلم) هر زماني ۽ سموري انسانيت لاءِ تعاليٰ طرفان موڪليو ويو. (سبا: 128، اعراف: 158) پاڻ ڪريم (صلي عليہ وسلم) سڀني جهانن لاءِ رحمت آهن. (انبياء: 107، القصص: 75) پاڻ ڪريمن کي اهڙيءَ امت ۾ موڪليو ويو، جنهن وٽ ان کان اڳ ان وقت تائين تعاليٰ ڪو بہ رسول نہ موڪليو هو (القصص: 46، السجده: 3، سبا: 44). حضور پاڪ جن نہ فقط پيغمبر هئا، پر تعاليٰ جي ڪلام جي تشريح ۽ وضاحت بہ سندن ذمي هئي. (النحل: 44)
اولوالعزم رسول ڇھہ آهن (احقاف: 35) حضرت آدم عليہ السلام، حضرت نوح عليہ السلام، حضرت ابراهيم عليہ السلام، حضرت موسيٰ عليہ السلام، حضرت عيسيٰ عليہ السلام ۽ حضرت محمد صلي عليہ وسلم ۽ اهي ئي شريعت جا صاحب بہ آهن. قرآن مجيد ۾ حضرت لوط، حضرت اسماعيل، حضرت هود ۽ حضرت صالح عه کي بہ رسول جو اعزاز عطا ڪيو ويو آهي. حضرت ابراهيم، حضرت اسحاق، حضرت هارون، حضرت دائود، حضرت سليمان، حضرت ايوب، حضرت ذوالنون عه ۽ حضور ڪريم صلي عليہ وسلم کي قرآن مجيد ۾ ڪٿي رسول ۽ ڪٿي نبي چيو ويو آهي. رسول اُهو آهي، جنهن کي حضرت جبرائيل عليہ السلام جي ذريعي وحي موڪلي وئي هجي، جنهن تي ڪتاب نازل ٿيو هجي ۽ شريعت جو صاحب هجي. ان کي رسالت جي تبليغ جو حڪم مليو هجي ۽ اهو پاڻ کان پهرين رسولن مان ڪنهن جي ڪتاب ۽ شريعت جو تابع نہ هجي. نبي اهو آهي، جنهن کي فرشتي ذريعي يا قلبي الھام ذريعي وحي ٿئي، توڙي ان کي تبليغ جو حڪم هجي يا نہ هجي. (ٿانوي: ڪشاف، دستور العلماء)
رسول ۽ سندس امت جو پاڻ ۾ ويجهو تعلق هوندو آهي ۽ اهو اول تعاليٰ جي حڪمن تي پاڻ عمل ڪندو آهي ۽ پوءِ پنھنجي مڃيندڙن کي وڏي پاٻوھہ ۽ محبت سان انهن حڪمن تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪندو آهي ۽ احڪامن جي تشريح ۽ وضاحت ڪري امت لاءِ لائحه عمل ۽ درست طريقيڪار مقرر ڪندو آهي. رسول سموري قيادت ۽ سرداري پنھنجي هٿ ۾ رکي، انساني فلاح لاءِ روحاني بنيادن تي انقلاب برپا ڪندو آهي. (ماخذ: شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا)


لفظ رسولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو