
رسـول حـمزه توف
رسـول حـمزه توف: نامور داغستاني شاعر، رسـول حمزہ توف (Rasul Gamzatov) جو جنم، 8 سيپٽمبر 1923ع تي سوويت روس جي ريپبلڪ داغستان جي هڪڙي ڳوٺ ’سدانامي‘ ۾ ٿيو. رسول حمزہ توف ابتدائي تعليم ’آوارين‘ اسڪول مان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ هن بوئيناڪس جي ماسترن واري ڪاليج آوار ۾ ماستري ڪئي. هن ’آوار‘ ٻوليءَ جي ٿيٽرن ۾ بہ ڪم ڪيو. پنھنجي ملڪ داغستان جي هڪ اخبار ۾ بہ ڪم ڪيائين. رسول حمزہ توف جي پيءُ جو نالو حمزہ اسداسا هو، جيڪو بہ داغستان جو مشھور عوامي شاعر هو، پر رسول حمزہ توف شھرت ۾ کانئس گهڻو اڳتي نڪري ويو ۽ عالمي سطح تي نالو ڪڍيائين. سندس شاعري دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي.
رسول حمزہ توف ننڍيءَ عمر ۾ ئي شاعري شروع ڪئي، سندس پهريان نظم 1937ع ۾ ڇپيا. سندس تخليقي پرواز ۾ ان وقت اضافو ٿيو، جڏهن هو ماسڪو جي ’ادارہ ادب‘ ۾ داخل ٿيو، جتي کيس نہ صرف وڏا وڏا شاعر استاد طور مليا، پر ڪيترا ادبي رفيق بہ مليا. ماسڪو ۾ ئي رسول حمزہ توف کي سٺا ترجمي نگار بہ مليا، جن سندس آوار ٻوليءَ ۾ ڪيل شاعري روسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪئي. انهيءَ عرصي ۾ رسول حمزہ توف جا چاليهارو مجموعا شايع ٿي چڪا هئا، جنهنڪري کيس وڏي شھرت حاصل ٿي چڪي هئي. سندس آوار ٻوليءَ ۾ لکيل مشھور نظم ’زهراولي‘ (Zhuravli) اڳتي هلي ’سوويت گيت‘ (Sovet Song) جو درجو حاصل ڪري چڪو. ان کانسواءِ سندس ٻيا ڪيترا نظم مقبول ٿيا. رسول حمزہ توف شاعريءَ کانسواءِ پنھنجي آتم ڪٿا ’منهنجو داغستان‘ نالي سان لکي، جيڪا نثر جو هڪ دلچسپ ۽ سھڻو نمونو آهي. ان جو اردوءَ ۾ ’ميرا داغستان‘ نالي سان ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ سنڌيءَ ۾ پڻ وليرام ولڀ ۽ ٻين ان جو ترجمو ڪيو آهي. رسول حمزہ توف کي داغستان جي عوامي شاعر جو لقب ڏنو ويو آهي. گڏوگڏ کيس‘State Stalin Prize’ (1952ع)، لينن اوارڊ (1963ع)، ’انٽرنيشنل بوتو‘ (International Botev) پرائز (1981ع) پڻ ملي چڪا آهن.
رسول حمزہ توف 1994ع ۾ ’پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس‘ جي ’بين الاقوامي ڪانفرنس‘ ۾ بہ شرڪت ڪئي، جتي هن جي سنڌي اديبن سان بہ ملاقات ٿي هئي ۽ ’پاڪستان جي سمورن صوبن کي قومي ٻوليون‘ قرار ڏيڻ واري ٺهراءَ تي پڻ سندس صحيح موجود آهي.
رسول حمزہ توف، 3 نومبر 2003ع تي فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
نوٽ: عربي وڪيپيڊيا مطابق سندس نالو رسول حمزاتوف ۽ انگريزي وڪيپيڊيا مطابق Rasul Gamzatovich Gamzatov آھي.
1923.09.08 عيسوي
نامور داغستاني شاعر، رسـول حمزه توف (Rasul Gamzatov) جو جنم، 8 سيپٽمبر 1923ع تي سوويت روس جي ريپبلڪ داغستان جي هڪڙي ڳوٺ ’سدانامي‘ ۾ ٿيو.
2003.11.03 عيسوي
رسول حمزه توف، 3 نومبر 2003ع تي فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.