
رشتن جي خوشبوءِ
رشتن جي خوشبوءِ (ڪتاب): هي ڪهاڻين جو ڪتاب، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار گوپال ٺڪر جو آهي، جنهن ۾ سندس ڏھہ ڪهاڻيون: سج ٽُٽي پيو، جنريشن گئپ، پيار جي پلن ۾، جيون جا ڏاڪا، تناؤ جي لڪير، اڪيلو سمجهوتو، پنهنجو پنهنجو درد، سنسڪار جي دهليز، استعيفا ۽ ٻہ پرش شامل آهن. ’ڪهاڻيءَ جي ڀٽڪ‘ عنوان سان ليکڪ ڇھن صفحن تي مشتمل پنھنجي ڪهاڻين جو ذڪر ڪندي لکيو آهي تہ: ”استري (عورت) ڪردارن منهنجي شخصي جيون جي ڪن حصن کي اهو سڪون پھچايو آهي، جيڪو شايد زماني جي ڪنهن حاصل، ٻي نعمت ايترو سڪون ڏنو هوندو.“
ڊيمي سائيز جي 98 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 40 روپيا آهي ۽ هي ڪتاب انجلي ٺڪر، باندرا، بمبئيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.