رشدالله شاهه راشدي، علامه: نامور عالم، اديب، شاعر، مفسر، خطيب ۽ تحريڪ آزاديءَ جو مدبر اڳواڻ علامه رشدالله شاهه، سيد رشيدالدين شاهه راشديءَ جو فرزند هو. سندس ولادت 1277 هه مطابق 1860ع ۾ ڳوٺ پير جهنڊي (موجوده ضلعي مٽياريءَ) ۾ ٿي. سندس والد وڏو عالم ۽ تقويٰ جو صاحب هو. هن ابتدائي ديني تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي ۽ پوءِ نامور عالمن مولانا عبيدالله سنڌي، مولوي قاضي فتح محمد نظاماڻي، قاضي عبدالغني کڏهري ۽ ٻين وٽ پڙهيو. هن مولانا عبيدالله سنڌيءَ وٽ حديث جا ڪتاب مطالعي هيٺ آندا. ان کانسـواءِ مـٿين عالمن وٽ علم الفرائض، علم التفسير، علم الفقه، علم الحديث، اسماء الرجال ۽ علوم عقليه ۾ منطق، فلسفو، هيئت، علم نجوم ۽ علم جفر پڙهيو. هن طب جو پڻ گهرو مطالعو ڪيو.
پير رشدالله شاهه راشدي سجاده نشين ٿيڻ کان پوءِ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تعاون سان ’دارالارشاد‘ جي نالي سان مدرسو قائم ڪيو، جنهن ۾ علوم شرعيه ۽ عقليه سان گڏ عام اسڪولن ۽ ڪاليجن وارن مضمونن: رياضي، جاميٽري، علم طبعي، علم ڪيميا، تاريخ، جاگرافي ۽ انگريزيءَ جي تعليم پڻ ڏني ويندي هئي. هن مدرسي ۾ سنڌ کان سواءِ هندستان، ايران ۽ وچ ايشيا کان شاگرد علم پرائڻ ايندا هئا. هن مدرسي مان فارغ التحصيل ٿيل شاگردن ۾ پير ضياءِ الدين راشدي، مولانا محمد اڪرم انصاري، مولانا احمد علي لاهوري، مولوي حبيب الله ميمڻ ٺيڙهيءَ وارو، الله شاهه راشدي'>پير احسان الله شاهه راشدي، مولوي سيد عبدالله سربازي (ايران)، مولوي دين محمد شيخ بهاولپوري، مولوي عبدالستار لغاري ۽ ٻيا شامل آهن. هن مدرسي جي معائني ۽ امتحان لاءِ سنڌ کان ٻاهر جا چوٽيءَ جا عالم مولانا محمودالحسن ديوبندي، مولانا اشرف علي ٿانوي، مولانا محمد احمد ديوبندي، مولانا حسين بن محسن انصاري يماني (ڀوپال)، مولانا غلام محمد لاهوري، ڊاڪٽر ضياءِ الدين (وائيس چانسلر، مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه) وغيره ايندا هئا. مولانا عبيدالله سنڌي ۽ پير صاحب جي دلي تمنا هئي ته هن مدرسي کي جامعه جي حيثيت ڏئي، سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۾ مدرسا کولي، انهن جو الحاق هن جامعه سان ڪجي، پر ان نيڪ اسڪيم کي انگريز سرڪار هلڻ نه ڏنو ۽ ڪجهه وقت لاءِ خود هن مدرسي کي بند به ڪيو ويو هو.
پير صاحب مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان گڏجي سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۾ مدرسا کوليا.
علامه پير رشدالله شاهه راشديءَ پنهنجي بزرگن: روضي ڌڻيرح ۽ بيعت ڌڻيءَرح کان ورثي ۾ مليل ڪتبخاني ۾ ڪافي توسيع ڪئي. سنڌ جي تعليمي مرڪزن، سيوهڻ، ٺٽي، هالا پراڻا، مٽياري، پاٽ ۽ درٻيلي جي علم دوست خاندانن جا ڪتبخانا پئسن سان يا ٿوري طور آڻي پير جهنڊي واري ڪتبخاني کي وسعت ڏنائين. اهڙيءَ طرح بمبئي، حيدرآباد دکن، سعودي عرب، عراق ۽ مصر مان به ناياب ڪتاب گهرائي ڪتبخاني ۾ رکندا هئا. هي ڪتبخانو مخطوطن/ قلمي نسخن جي ڪري سڄيءَ دنيا ۾ مشهور هو. برصغير جا شاگرد ۽ استاد هن ڪتبخاني مان فائدو حاصل ڪندا هئا. مولانا عبيدالله سنڌيءَ هن ڪتبخاني جي تعريف ڪندي لکيو آهي ته، ”منهنجي مطالعي جي تڪميل ۾ هن ڪتبخاني جي فيض جو وڏو دخل هو.“
پير رشد الله شاهه راشدي وڏو عالم ۽ محقق هو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان اڪثر فقھ تي آهن. صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ ۽ ٻين محققن جو اندازو آهي ته علامه پير رشدالله شاهه راشديءَ 70 کن ڪتاب لکيا، جن مان ڪي ڪتاب سندس حياتيءَ ۾ شايع ٿيا ۽ اڪثر ڇپجي نه سگهيا.
پير رشدالله شاهه راشديءَ خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. سنڌ صوبائي خلافت ڪميٽيءَ جو بنياد آڪٽوبر 1919ع ۾ پيو ۽ هي ان جي باني ميمبرن مان هو. ترڪن جي مدد لاءِ هن ٿوري وقت ۾ تمام گهڻو چندو گڏ ڪيو. انگريز حڪومت خلافت تحريڪ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سرڪار نواز مولوين جون خدمتون حاصل ڪيون. هندستان ۾ مولوي عبدالحق حقاني ۽ سنڌ ۾ مولوي فيض الڪريم ٺاروشاهيءَ، مڪي جي شريف حسين جي فائدي ۾ هڪ فتويٰ ’تحقيق الخلافت‘ نالي تحرير ڪئي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو ’ته سڄي مسلمان دنيا جو خليفو شريف حسين آهي‘. سنڌ جي 95 مذهبي اڳواڻن، پيرن ۽ عالمن، هن فتويٰ جي حق ۾ صحي ڪري انگريز سرڪار جو ساٿ ڏنو. هن فتويٰ جي جاري ٿيڻ کانپوءِ ان جي مخالفت ۾ سنڌ جي حق پرست ۽ حريت پسند عالم مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صلاح سان مولانا دين محمد وفائيءَ هڪ فتويٰ لکي، جنهن ۾ شريف حسين کي انگريزن جو ڇاڙتو ۽ سلطان صلاح الدين ترڪيءَ واري کي حقيقي خليفو ڄاڻايو ويو، جنهن تي سنڌ جي حق پرست عالمن صحيحون ڪيون، جڏهن مولانا وفائي ۽ مولوي شيخ عبدالعزيز انهيءَ فتويٰ تي عالمن کان صحيحون وٺڻ لاءِ سنڌ جي سير تي نڪتا ته انهيءَ ساڳئي وقت پير رشدالله شاهه، مولوي عبدالقادر احمداڻي سانگهڙائيءَ کان به ساڳئي قسم جي هڪ فتويٰ لکرائي ورتي هئي، جنهن ۾ وحيد الدين (ترڪ) جي خلافت کي حق قرار ڏنو ويو هو. هي فتويٰ اخبار ’الحق‘ ۾ 19-1918ع ڌاري شايع ٿي. هنن ٻنهي فتوائن، خلافت تحريڪ ۾ جان وجهي ڇڏي. هيءَ فتويٰ ’اظهار الڪرامته‘ جي نالي سان جاري ٿي هئي.
پير رشدالله شاهه راشدي ۽ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي ڪوششن سان 1919ع ۾ ’الوحيد‘ اخبار جاري ٿي، جنهن جو پهريون ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان هو ۽ ان جي جيل ۾ وڃڻ کان پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي ايڊيٽر ٿيو.
پير رشدالله شاهه راشدي قلم جو ڌڻي ۽ خطيب هئڻ سان گڏ سٺو مقرر به هو. تقريرن ذريعي مسلمانن ۾ ايڪتا ۽ آزاديءَ جي فضا پيدا ڪرڻ ۽ کين ’خلافت تحريڪ‘ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني. هن سنڌ ۾ خلافتي جلسا ڪرائي ماڻهن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو. 5-4-3 فيبروري 1920ع تي لاڙڪاڻي ۾ پير رشدالله شاهه جي صدارت ۾ خلافت ڪميٽيءَ جي ڪانفرنس ٿي، جيڪا 1919ع ڌاري لکنؤ ۾ ڪوٺايل مرڪزي خلافت ڪانفرنس کان پوءِ وڏي ۾ وڏي ڪانفرنس هئي. هن ڪانفرنس ۾ سڄي هندستان مان نامور عالمن شرڪت ڪئي. مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبدالباري ۽ مولانا شوڪت علي هن ڪانفرنس جي حوالي سان پهريون ڀيرو سنڌ ۾ آيا هئا. هن ئي ڪانفرنس ۾ سائين جي. ايم. سيد 16-15 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ شرڪت ڪئي هئي. ان کان پوءِ 17-16-15 فيبروري 1920ع تي بمبئيءَ ۾ ٿيل خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين، جنهن ڪانفرنس کان ستت پوءِ پير صاحب 1921ع ڌاري وفات ڪئي.