رشدالله شاهه امروٽي

رشدالله شاهه امروٽي

رشدالله شاھہ امروٽي

رشدالله شاھہ امروٽي: سيد رشد شاھہ ولد سيد منير احمد شاھہ امروٽي، 13 جنوري 1976ع تي امروٽ شريف ۾ جنم ورتو. هن جو تعلق نامور مذهبي عالم تاج محمود امروٽيءَ جي خاندان سان آهي. هن مئٽرڪ تائين تعليم امروٽ شريف ۾ حاصل ڪئي ۽ انٽر جو امتحان گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڳڙهي ياسين مان پاس ڪيو. 1997ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان گرئجوئيشن ڪيائين. ديني تعليم ۾ هن ناظره قرآن مجيد جي تعليم درگاھہ عاليه قادريه راشديه امروٽ شريف ۾ حافظ بخش وٽ ۽ فارسيءَ جي تعليم پنھنجي چاچي مولانا سيد سراج احمد شاھہ امروٽيءَ وٽ حاصل ڪئي، بعد ۾ درس نظاميءَ جي تعليم جامعہ دينيه دارالهديٰ حبيب آباد ٺيڙهيءَ مان حاصل ڪيائين. هن تخصص في الفقه الاسلاميءَ جي تعليم جامعہ حماديه مظهر العلوم منزل گاھہ سکر ۾ مولانا محمد مراد هاليجويءَ وٽ حاصل ڪئي. ٺيڙهيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران مولانا سيد طاهر محمود شاھہ امروٽي، مولانا سراج الدين قاضي، مولانا شھاب الدين پهوڙ ۽ مولانا عبدالمطلب شر سندس هم سبق هئا، جڏهن تہ مظهر العلوم منزل گاھہ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران مولانا مفتي عبدالله مھر سندس هم سبقن ۾ شامل هو.
سيد رشد شاھہ امروٽيءَ 1990ع کان باقاعدي لکڻ شروع ڪيـو. عـلـم جـي تـحـصيـل کانپوءِ هـن جـامـعـه حـمــاديه مـظـهـرالعـلوم منزل گاھہ سکر ۾ ڇھہ سال پڙهايو ۽ دارلافتاء يعني شعبه فتويٰ جو نگران رهيو. سيد رشدالله شاھہ امروٽيءَ سيد ’راشد امروٽيءَ‘ جي نالي سان شاعري پڻ ڪئي آهي. سندس ڪلام گهڻي ڀاڱي حمد، نعت ۽ اسلامي ۽ اصلاحي موضوعن تي مشتمل آهي. سندس ڪلام کي مشھور نعت خوان جھڙوڪ: امداد ڦلپوٽو، سلطان احمد چنه، نعمت سولنگي، انعام مگسي ۽ راشد منگي ڳايو آهي. سيد رشد شاھہ ڪجهہ مضمون پڻ لکيا آهن. ديني اصلاحي مئگزين ’ماهوار النصيحت سکر‘ ۾ سال 2005ع کان معاون ايڊيٽر آهي. هن ڪجهہ ڪتاب پڻ لکيا آهن، جيڪي شايع ٿي چڪا آهن، جـن ۾: (1) فـتـاويٰ مـحـمـد مـراد هــاليـجــوي (سنڌي: ترتيب 2002ع)، (2) مقالات محمد مراد هاليجوي (اردو: ترتيب 2002ع)، (3) نصيحت نامو (سنڌي: ترتيب 2003ع)، (4) تذڪير باالقرآن الڪريم (سنڌي: ترتيب 2005ع). اهي چارئي ڪتاب ’جامعہ حماديه مظهر العلوم‘ منزل گاھہ سکر طرفان ڇپجي چڪا آهن، جڏهن تہ سندس لکيل ٻہ ڪتاب: (1) حديث سيد الناصحين ۽ (2) سوانح حيات مولانا محمد مراد هاليجوي زير اشاعت آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.01.13  عيسوي

سيد رشد الله شاهه ولد سيد منير احمد شاهه امروٽي، 13 جنوري 1976ع تي امروٽ شريف ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شھباز بلوچ
آسيو سوڍو
امير بھادر ثاني
ڀانيرا بابا پيارا سنگهہ
عامر خان
ڀٽي مخدوم ابراهيم
خواجہ معين الدين
شريف سولنگي
سيد ابراهيم بخاري
بھاول خان عباسي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون