رشمي راماڻي
رشمي راماڻي: هند ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ليکڪا ۽ شاعر، رشمي راماڻيءَ، اپريل 1960ع ۾، مڌيه پرديش جي قديم شهر ’وديشا‘ (اندور) ۾ جنم ورتو، جنهن شهر جو ڪلاسيڪي شاعر ڪاليداس به ذڪر ڪيو آهي. هن جو پيءُ ليلارام ڀاڳچنداڻي، ٺاروشاهه، سنڌ ۾ 1932ع ڌاري ڄائو هو، ۽ رشميءَ جي ماءُ لاجونتيءَ، سکر ۾، 1939ع ۾ جنم ورتو هو. ورهاڱي کان پوءِ رشميءَ جو والد ليلارام، مائٽن سان گڏ اجمير ۾ اچي آباد ٿيو، جڏهن ته سندس ماءُ لاڄونتي، اندور ۾ مائٽن سان گڏ رهندي هئي.
رشميءَ، اندور ۾، مقامي ماحول موجب، هنديءَ ۾ ئي تعليم ورتي. هن اُجين جي وڪرم وشو ودياليه مان هندي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. اُن لاءِ هن ’هندي اَڪويتا‘ جي باني جڳديش چترويديءَ جي اَڪويتائن تي ٿيسز لکي هئي، جيڪا ’اَڪويتا سندرڀ، اور جگديش چترويدي ڪي ڪويتائين‘ عنوان سان دهليءَ جي اداري ’اَنو راڳ پرڪاشن‘ ڇپائي آهي. هن ان موضوع تي پي. ايڇ. ڊي به ڪرڻ چاهي، پر مڪمل نه ڪري سگهي. هن پيار جي شادي ڪئي ۽ پنهنجي مڙس اشوني ڪمار راماڻيءَ سان گڏ اندور ۾ رهي ٿي. سندس مڙس انڊور جي انجنيئرنگ ڪمپيوٽر ڪاليج ۾ ڪمپيوٽر ڊپارٽمينٽ جو سرواڻ آهي. هو ملائيشيا جي پترا (PUTRA) يونيورسٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر سائنس جو پروفيسر پڻ رهي چڪو آهي ۽ کيس ڪيترن ملڪن ۾ دعوتون ڏئي گهرايو ويندو آهي. جپان جي هڪ يونيورسٽيءَ کيس هڪ انٽرنئشنل اوارڊ ڏيڻ لاءِ جپان به گهرايو هو. رشمي، اندور جي وچولي درجي جي ڪٽنب سان واسطو رکي ٿي ۽ ٻن نياڻين جي ماءُ آهي.
رشميءَ، ماحول جي اثر هيٺ هنديءَ ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ پاڻ مڃائي ورتو. هن جي شاعري، هنديءَ جي معياري مخزنن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي، ان کان سواءِ سندس ڪوتائن جا پنجابي، بنگالي، مراٺي، اُڙيا، ڪنڙ ۽ انگريزيءَ ۾ ترجما پڻ ڇپجي چڪا آهن.
رشميءَ، سنڌيءَ جي ڪجهه اُسرندڙ اديبن جي اُتساهڻ تي سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. خاص ڪري، جڏهن ناري لڇواڻيءَ، رشميءَ جون ڪجهه ڪوتائون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون ته کيس سنڌيءَ ۾ لکڻ جو احساس ۽ اُتساهه پيدا ٿيو. سندس چوڻ آهي ته کيس سنڌيءَ ۾ لکڻ جو شدت سان اُتساهه اُن وقت اُڀريو، جڏهن هڪ ادبي سيمينار ۾ ڪنهن شخص طنزيه چيو ته ’سنڌين جو به ڪو ادب آهي ڇا؟‘ ۽ هِن اُنهيءَ شخص کي ٺڙٺڪ جواب ڏنو ته ’سنڌي هڪ سڀيه قوم آهي، جنهن جي عظمت جا اُهڃاڻ موهن جو دڙو ۽ سنڌو ندي آهن- جنهن عظيم نديءَ ’انڊيا‘ کي نالو ۽ سڃاڻپ ڏني‘. ائين رشمي راماڻيءَ جي سنڌي شاعريءَ جو سفر شروع ٿيو ۽ هن وقت تائين سندس سنڌي شاعريءَ جا هيٺيان ٽي ڪتاب ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن:
(1)پڃرو (آڪٽوبر 1991ع)، (2) ڪــڏهن ڪـڏهن (1999ع)، (3) مان هڪ سنڌڻ (2005ع).
رشميءَ کي هنديءَ تي مڪمل مهارت آهي، اُن ڪري هن سنڌي تخليقن (نثر ۽ شاعريءَ) کي هنديءَ ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ اُن لاءِ هن جي نظر جو پهريون انتخاب، سنڌي ادب جو ٻهڳڻو ڪهاڻيڪار، ڪرشن کٽواڻي بڻيو، جنهن جا ٽي ناول ۽ ڪيتريون ڪهاڻيون، هن هنديءَ ۾ ترجمو ڪيون. ڪرشن کٽواڻيءَ جي هنديءَ ۾ ترجمو ٿيل نـاولــن جــا نالا هن ريت آهن: (1) امر پيار (ساڳئي نالي ’امر پيار‘ سان)، (2) ست ڏينهن (’سات دن‘ عنوان سان)، (3) پنهنجا پراوا (’اپني پرائي‘ نالي سان).
رشمي راماڻي، سلجهيل نقاد ۽ ٻوليءَ جي باريڪين جي ڄاڻو آهي. سندس هنديءَ ۾ تنقيد ۽ شاعريءَ جا هي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن: (1) اَڪويتا سندرڀ اور جڳديش چتر ويدي ڪي ڪوتائين (تنقيد)، (2) ساز چُپ هئن (ڪوتائون)، (3) بيتي هوئي دن (ڪوتائون).
رشمي راماڻيءَ کي ڪيترائي مان سنمان ۽ اوارڊ به ملي چڪا آهن، جهڙوڪ: (1) ورڻ مال، اُڙيسا طرفان ’اُديه ڀارتي شاستريه ڪويتا پُرسڪار‘ (1994ع)، (2) ’سنڌو رتن‘، يُوا سنڌي ڪوي سنمان، (3) هرو مل ريجهواڻي، غير سنڌي ليکڪ سنمان (1998ع)، (4) سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ طرفان غير هندي ليکڪ جو ڀارتي صدر طرفان سنمان، (5) NCPSL اوارڊ.
رشمي راماڻي مڌيه پرديش سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ جي ميمبر ۽ ساهتيه اڪيڊمي نئين دهليءَ جي سنڌي صلاحڪار بورڊ جي ميمبر پڻ رهي چڪي آهي.
رشمي راماڻيءَ جي شاعريءَ تي سنڌي ٻوليءَ جي ٻن وڏن نقادن: ڪرشن کٽواڻيءَ ۽ ارجن حاسد لکيو آهي: ’سندس ڪوتائن جو لهجو نرم، وڻندڙ ۽ صاف سٿرو آهي، ڳرن لفظن ۽ جملن جي ڪوڙاڻ نه آهي. سندس ڪوتائون نئين صبح جو اهڃاڻ آهن.‘