رشيد خان جو قبو

رشيد خان جو قبو

رشيد خان جو قبو

رشيد خان جو قبو (ماڳ): هيءُ مقبرو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو تعميراتي يادگار آهي، جيڪو 26°32' 50" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 28° 04' 08" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي گورستان ديھہ ۽ ڳوٺ، تعلقي دولتپور (ضلعي شھيد بينظيرآباد) ۾ واقع آهي. هن جي ڏکڻ ۾ هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي ’نم جو ڳوٺ‘، اوڀر ۾ هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي ’لنڊڪي ڪئنال‘، ’اولھہ ۾ مقيم ڏاهريءَ جو ڳوٺ‘ ۽ 16 ڪلوميٽرن پنڌ تي ’مورو‘ شھر آهي. مقبرو رٿ ۾ مستطيل آهي. اڏاوت ۾ پڪيون سرون، گل ۽ چن جو گارو استعمال ٿيل اٿس. مقبري جي ماپ ڊيگهہ (اوڀر اولھہ ۾) پنج ميٽر، ويڪر (اتر ڏکڻ ۾) 4.10 ميٽر ۽ اوچائي پنج ميٽر آهي. لنگهہ جو دروازو اوڀر ۾ ڇڏيو ويو آهي، جنهن جون ونگون گهڻ راسيون آهن ۽ مقبري جي مهاڙيءَ ۾ اُڀا ۽ سڌا پانيل لڳل آهن، جيڪي بيهڪ ۾ مستطيل آهن. هنن پانيلن جھڙا ٻيا پانيل مقبري جي ٽنهي ديوارن تي بہ ٺهيل آهن. مقبري جي اتر ۽ ڏکڻ طرف وارين ديوارن ۾ دريون ڇڏيل آهن. مقبري کي ڇڄهڙو بہ آهي، جنهن تي روغني گل ۽ ٻوٽا چٽيل ملن ٿا. هي ڇڄهڙو ڇت کي چئني طرفن کان ڏنل آهي. مقبري جي ڇت محرابي آهي، جنهن تي ابتا ڪنول جا گل ٺهيل آهن. جن جي مٿان ڪلسو ٺاهيو ويو آهي. مقبري جي اندرين ديوار سميت اتر توڙي ڏکڻ وارين ڀتين تي چار مستطيل پانيل ٺهيل آهن. محراب اولاهين ڀت جي وچ ۾ نڪتل آهي. مقبري کي اندران سڄو روغن ٿيل ڏسجي ٿو. مهندسي ڌارائون، گل ۽ ٻوٽا پڻ چٽيل ملن ٿا. مقبري جي اندر ٻہ قبرون آهن. هيءُ مقبرو آرڪيالاجي کاتي جي سنڀال هيٺ آهي، جنهن تي ڪجهہ ڪم بہ ٿيو آهي. مقبري جي حالت بهتر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو