رشيد صديقي حافظ

رشيد صديقي، حافظ: ٺٽي جي تاريخ ۾ ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي دؤر ۾ حافظ رشيد مشھور خطاط ٿي گذريو آهي، کيس پنھنجي دؤر ۾ خطاطيءَ جي حوالي سان گهڻي اهميت حاصل هوندي هئي، ٺٽي جي عالمن توڙي سنڌ جي حڪمرانن سان سندس سٺا واسطا هئا. شاھہ بيگ ارغون سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ جڏهن ٺٽي تي چڙهائي ڪئي ۽ سندس لشڪر ڦرلٽ ۽ قتل عام ڪري ٺٽي کي تباھہ ۽ برباد ڪري رهيو هو، ان وقت حافظ رشيد وچ ۾ پئي ٺٽي کي تباھہ ٿيڻ کان بچائي ورتو. عيسيٰ خان ترخان جي دؤر ۾ سندس خطاطيءَ جا ڪافي شاندار نمونا ملن ٿا. سندس پٽ عبدالرحيم بہ سندس والد وانگر پنھنجي دؤر جو بھترين خطاط هو. ٺٽي جي خطاطن تي ايم. اي. غفور جي لکيل ڪتاب ۾ بہ حافظ رشيد جو سما دؤر جي مشھور خطاط طور ذڪر ملي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو