رشيد علي خان

رشيد علي خان

رشيد علي خان

رشيد علي خان (راڳي): استاد رشيد علي خان 1936ع ڌاري حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. هن جي پيءُ جو نالو فقير قادر بخش ولد استاد ڪريم بخش خان هو. استاد رشيد سنڌي فائنل تائين تعليم حاصل ڪئي. هن جو سنڌ جي مشھور موسيقار گهراڻي گواليار سان واسطو رهيو آهي. سندس سڃاڻپ هڪ ڪلاسيڪي گلوڪار، موسيقار، شاعر ۽ سماجي خدمتگار جي آهي. موسيقيءَ ۾ سندس استاد والد فقير قادر بخش، چاچو استاد سينڌو خان هئا. هن سنڌ جي راڳن تي ڪافي تحقيق ڪئي. سندس شاگردن ۾ پير بھاؤالدين سرهندي مٽياريءَ وارو، دين محمد شيخ، اظهر حسين جعفري، ذوالفقار علي، مظهر حسين، سيد ڪليم شاھہ، بخش زرداري، عبدالرحيم بخش سولنگي، عزيز يوسفزئي، رئيس بچو خان، گلزار علي خان ۽ محمد يوسف هئا. هن جا پسنديدہ راڳ شڪرا، ڀيم پلاسي، ڀوپالي، راڻو (سنڌي راڳ) ۽ مالڪوئنس هئا. هن کي هارمونيم، ستار، طبلي، اڪارڊين، پياني ۽ تانبوري (سازن) تي مڪمل عبور حاصل هو. سندس پسنديدہ موسيقارن ۾ اعظم نوشاد ۽ استاد نظر حسين هئا.


لفظ رشيد علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو