
رشيد ڪليري
رشيد ڪليري: نوجوان شاعر، ڪمپيئر ۽ صحافي رشيد ڪليريءَ جو پورو نالو رشيد احمد ولد حاجي دلاور حسين ڪليري آهي. سندس جنم 12 آگسٽ 1970ع تي ڳوٺ حاجي نيڪ محمد ڪليري، تعلقي ۽ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽوٻا مان، مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول گهوٽڪيءَ مان 1986ع ۾، بي. ايس. سي 1990ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ۽ ايم ايس سي 1993ع ۾ ڪيمسٽريءَ ۾ ساڳيءَ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1996ع کان انائونسر ۽ ڪمپيئر طور ريڊيو پاڪستان خيرپور تي 18 سال ڪم ڪيائين ۽ هن وقت گهوٽڪي- 91 ريڊيو ايف ايم تي ڪم ڪري رهيو آهي. 1996ع کان ‘گل ڦل’ ۾ لکڻ شروع ڪيائين. هن باقاعدہ شاعريءَ جي شروعات 2004ع ۾ ڪئي. سندس ادبي تربيت نامياري شاعر سيد اظهر گيلانيءَ ڪئي. سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي، جن ۾ عاشق نظاماڻي، ربنواز مهيسر، غلام شبير شاهاڻي، عبدالرحيم ميراڻي، نجف علي وسطڙو ۽ ٻيا قابل ذڪر آهن. رشيد ڪليري 2007ع ۾ روزاني سنڌ اخبار جو نمائندو مقرر ٿيو، جنهن ۾ مختلف موضوعن تي سندس ڪالم بہ ڇپيا. 2008ع کان گهوٽڪي 91 ريڊيو ايف ايم تي ڪمپيئر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. هيءُ 2013ع ۾ يونين آف جرنلسٽ تعلقي گهوٽڪيءَ جو صدر مقرر ڪيو ويو.
ريڊيو جي مختلف ڪمرشل پروگرامن ۾ کيس اوارڊ مليا. ڦلجي اسٽيشن ۾ پروگرام ‘لوچين سي لھن’ جي سالگرھہ جي حوالي سان اوارڊ، گهوٽڪي فيسٽيول ۾ بھترين ڪمپيئر ۽ ليکڪ اوارڊ، ٻالڪ ادبي فورم طرفان بھترين ليکڪ اوارڊ، سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ آف سنڌ طرفان خيرپور ۾ ڪرايل سال 2013ع ۾ بھترين انائونسر سرٽيفڪيٽ قابل ذڪر آهن. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ‘دل جو درد نہ ڄاڻي ڪو’ شايع ٿيل آهي. رشيد ڪليري گهوٽڪيءَ ۾ رهائش پذير آهي.