رضا آڪاش خاناڻي
رضا آڪاش خاناڻي: صحافي ۽ ڪالم نويس رضا آڪاش خاناڻيءَ جو اصل نالو علي رضا ولد فقير محمد لائق جت آهي. هن 8 سيپٽمبر 1986ع تي ڳوٺ خاناڻي جت لڳ کورواهه، تعلقي شھيد فاضل راهو (گولاڙچي)، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم خاناڻي جت ۽ گولاڙچيءَ مان حاصل ڪئي، جڏهن ته ايم. اي (سوشيالاجي) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ، ڄام شوري مان ورتي. صحافت جي شروعات روزاني ’ھلال پاڪستان‘ کان ڪئي. 2007ع کان روزاني ’ڪاوش‘ ۽ ’ڪي ٽي اين‘ نيوز چينل سان وابسته آهي. مختلف اخبارن ۾ سياسي ۽ سماجي موضوعن تي سندس ڪالم ڇپيل آهن.
1986.09.08 عيسوي
رضا آڪاش خاناڻي 8 سيپٽمبر 1986ع تي ڳوٺ خاناڻي جت لڳ کورواهه، تعلقي شھيد فاضل راهو (گولاڙچي)، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.