
رضا بخاري
رضا بخاري: ناليواري شاعر رضا بخاريءَ جو پورو نالو سيد علي رضا ولد سيد مدد علي شاھہ ‘منظر’ آهي. سندس جنم 7 آگسٽ 1980ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ ٿيو. سندس والد ناليوارو اديب ۽ نوحہ خوان آهي. رضا بخاريءَ ابتدائي تعليم شيخ زيد پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي مان، مئٽرڪ شيخ زيد هاءِ اسڪول مان ۽ بي. اي سچل سرمست اورينٽل ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. رضا بخاريءَ جي خاص سڃاڻپ ننڍن وزنن تي لکيل غزل ۽ وايون آهن. هن ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيا آهن. سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب ‘شاعري تنهنجو بدن’ (2004ع)، ‘هوا جي بانسري’ (2006ع) ۽ ‘چاندنيءَ جو آبشار’ (2011ع) ۾ شايع ٿيل آهن. جڏهن تہ ‘ڏيئا ڏات ٻاريا’ (مرتب: رياضت ٻرڙو) ۾ سندس شاعري موجود آهي. کيس ‘سوجهرو’ رسالي طرفان ‘بھترين شاعر اوارڊ’، ‘ساٿي’ رسالي طرفان 2002ع ۾ ‘ٻارن جو بھترين شاعر’ اوارڊ مليل اٿس. 007ع کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان سلهاڙيل آهي ۽ بھبود آبادي کاتي لاڙڪاڻي ۾ ملازم آهي.