
رضوي، سيد امداد علي شاهه
رضوي، سيد امداد علي شاھہ: سيد امداد علي شاھہ رضوي سنڌي مرثيہ نويسيءَ جي باني سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائيءَ جي اولاد مان ٿي گذريو آهي. سيد امداد علي شاھہ، حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن وٽ، رضوي محلي ۾ 1870ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سيد ثابت علي شاھہ (ثاني) هو. هن قرآن ۽ فارسيءَ جي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم لاءِ پگٽ ميموريل مشنري اسڪول ۾ داخلا ورتائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد جيل جو جيلر مقرر ٿيو. جيل کاتي ۾ کانئس اڳ صرف مرهٽا ۽ سِک جيلر مقرر ڪيا ويندا هئا. سيد امداد کي پهرئين سنڌي جيلر هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. کيس ’راڻي وڪٽوريه گولڊ ميڊل‘ پڻ مليو هو. علم، ادب ۽ شاعري کيس ورثي ۾ ملي هئي. ان کانسواءِ روحاني علمن ۽ تعويذن ۾ بہ ماهر هو. جيل کاتي مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ سڄي زندگي عام ماڻهن کي روحاني فيض ڏيڻ ۾ بسر ڪيائين. ميرن جي قبن واري هنڌ وڏي پيماني تي مجلسون ڪرائيندو هو. هز هائينس مير محمد حسن علي خان ٽالپر، هز هائينس مير نور محمد خان ٽالپر، مرزا قليچ بيگ، مرزا عباس علي بيگ، مرزا علي نواز بيگ ۽ دادن شاھہ جھانيان سان گهرا واسطا هئس.
هن 22 سيپٽمبر 1966ع تي 96 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان، ميرن جي قبن جي ڀر ۾ دفنايو ويو.
1966.09.22 عيسوي
هن 22 سيپٽمبر 1966ع تي 96 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان، ميرن جي قبن جي ڀر ۾ دفنايو ويو.