رضوي، سيد بلال شاھہ: سيد بلال شاھہ رضوي، سيد محمد شريف جو پٽ ۽ ميين شاھہ عنات رضويءَ جو پوٽو هو. 1075ھہ/ 1664ع ڌاري ڄائو. سندس وفات ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ ٿي. پنھنجي والد ۽ ڏاڏي جي نگرانيءَ ۾ سندس تربيت ٿي. اعليٰ درجي جو شاعر ٿي ساماڻو. ’ميين شاھہ عنات جو ڪلام‘ ۾ سندس 63 بيت ۽ هڪ وائي شامل آهن. ميين شاھہ عنات، سيد محمد شريف ۽ سيد بلال شاھہ، هڪ ئي وقت ادبي رهاڻيون ۽ شاعري ڪئي. هڪٻئي جا شعر ٻڌا، اصلاح ڪئي ۽ شريڪ محفل ٿيا. بلال شاھہ جي ٻوليءَ ۾ عام مقبول محاورن ۽ دلنشين اصطلاحن جو عڪس موجود آهي. وٽس بيان جي قوت ۽ فصاحت اعليٰ درجي جي هئي. سندس ڏاڏي ميين شاھہ عنات هڪ شعر ۾ جهوڪ واري صوتحال جو بيان ڪيو آهي. اهو بيت خود هن جلد ۾ موجود آهي. جڏهن 1130ھہ ۾ صوفي شاھہ عنايت جي شهادت ٿي، تڏهن سيد بلال رضويءَ بہ هڪ واقعاتي بيت چيو:
تو ونگو نوگو نائيو، ڪڇ، پارڪر، پٽ،
سڀئي سوءِ سلامي ٿئا، ڍل ڀريندو ڍٽ،
چڙهي ڪيئي چٽ، جا هئي لک لانگاھہ جي.
(مقدمو: ميين شاھہ عنات جو ڪلام، صفحو 68-69،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1963ع)
بلال شاھہ کي سنڌ وطن سان گهڻي محبت هئي، سنڌ ۾ رونما ٿيندڙ واقعن تي سندس خاص نگاھہ هئي. ابتدا ۾ قلات جي والي عبدالله خان، ڪلهوڙن کي تنگ ڪيو ۽ سندن وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ عبدالله خان بروهي مارجي ويو ۽ ڪلهوڙن کي سوڀ حاصل ٿي. بعد ۾ نادر شاھہ اچي ڪڙڪيو، ان هوندي بہ ميان نور محمد ڪلهوڙو حڪومت کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، تڏهن بلال شاھہ چيو:
بروهنئا بس ٿي، پئو پانو پٺاڻ،
اسان جي دعا جو، آهي ايءُ اهڃاڻ،
ميان نور محمد تي، آگو مهربان،
ان جي مشڪل سڀ آسان، برڪت ساڻ بلال چئي.
(مقدمو: ميين شاھہ عنات جو ڪلام، ص: 70)
نادر شاھہ سنڌ ۾ 1152 ھہ ۾ آيو، ان وقت سيد بلال شاھہ جي عمر 65 سالن اندر هوندي، اندازي موجب هن 1160ھہ کان اڳ وفات ڪئي. حقيقي معني ۾ سيد بلال شاھہ ۽ سيد بلال شاھہ رضوي ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي پاڻ ۾ همعصر هئا.