رضوي سيد خادم علي شاهه

رضوي سيد خادم علي شاهه

رضوي سيد خادم علي شاھہ

رضوي، سيد خادم علي شاھہ: سياسي سماجي اڳواڻ سيد خادم علي شاھہ رضوي، پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻن مان آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي دؤر کان هن وقت تائين ڪيترا ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي. سيد خادم علي شاھہ 30 مئي 1942ع تي ميرپورخاص ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سيد ٻڍل شاھہ رضوي هو. ابتدائي تعليم ميرپورخاص مان حاصل ڪيائين ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي. شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي کان وٺي محترمہ شھيد بينظير ڀٽي تائين ڪيترن سياستدانن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو اٿس. ان کانسواءِ ادبي، سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن سان پڻ وابستہ رهيو آهي. ان کانسواءِ سندس هڪ ڪتاب ’بختاور شھيد‘، سنڌ ۾ هاري تحريڪ ۾ اهم ڪردار رکندڙ عورت جي باري ۾ ڇپيل آهي. هن ڪتاب جا سنڌي، اردو، انگريزي ۽ بنگاليءَ ۾ بہ ترجما شايع ٿي چڪا آهن.
سيد خادم حسين شاھہ ڪيترن سرڪاري ۽ نجي مڃيل ادارن جو عهديدار ۽ رڪن رهي چڪو آهي، جھڙوڪ: ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرس پي. آءِ. اي، ميمبر مرڪزي بورڊ آف فاريسٽري، ميمبر ايگريڪلچر انڪم ٽئڪس ڪميشن، ميمبر ايڊوائيزرس ڪائونسل- منسٽري آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، سابق ميمبر ڪاٽن ايڪسپورٽ ڪارپوريشن، ميمبر سينٽرل عشر ۽ زڪوات ڪائونسل، ميمبر ڊفينس ڪلب مينيجنگ ڪميٽي، ميمبر اسلام آباد ڪلب، ميمبر ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ ائسوسيئيشن ميرپورخاص، ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرس پبلڪ اسڪول ميرپورخاص، ميمبر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
سيد خادم علي شاھہ سماجي، ادبي، علمي، ترقياتي ڪمن ۽ راندين ۾ سرگرم رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو