رضوي سيد علي مدد شاھہ

رضوي، سيد علي مدد شاھہ: روهڙي جو ناميارو مرثيہ گو شاعر ۽ مشاهير سيد علي مدد شاھہ عرف مير يعقوب علي شاھہ (رابع) ولد سيد حيدر علي شاھہ عرف مير صادق علي شاھہ (ثالث) پنھنجي وقت جو وڏو عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. والد جي وفات کانپوءِ ’ڪوٽائي ساداتن‘ جو پڳدار مقرر ٿيو. سيد علي مدد شاھہ ٻارهين صدي هجريءَ جي آخر ڌاري پنھنجي خاندان جو هڪ مختصر تذڪرو تذڪره مير يعقوب علي خان‘ جي نالي سان فارسي زبان ۾ مرتب ڪيو. هن کي عربي ۽ فارسي زبانن تي عبور حاصل هو. اڪثر پنھنجي نالي سان گڏ بندہ آل عبا لکندو هو. هن جي وفات جي صحيح تاريخ ڪانہ ٿي ملي. پنھنجي خانداني قبرستان ’درگاھہ نواب مير دولھہ‘ ۾ دفن آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو