رضوي سيد غلام شبير شاھہ

رضـوي، سـيـد غــلام شبيـر شاھہ: مشھور سياستدان سـيــد غلام شبير شاھہ ٽگهاٽي لڳ، سنگرار، تعلقي روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. 1970ع واري اليڪشن ۾ خان عبدالقيوم خان گروپ جي پليٽفارم تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1972ع ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. 1977ع ۾ مارشل لا کان پوءِ سياست کان علحدگي اختيار ڪيائين. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان هو. خانڳڙھہ جي مھر سردارن سان سندس ويجها واسطا هئا. هن 1985ع ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ سيد ناصر حسين شاھہ اڄڪلھہ سياست ۾ سرگرم آهي. ضلعي سکر جو ناظم بہ رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو