رضوي سيد قاسم علي شاھہ

رضوي، سيد قاسم علي شاھہ: نامياري عالم، شاعر مولوي سيد قاسم علي شاھہ ولد سيد علي اڪبر شاھہ رضويءَ جو تعلق ڪشمير جي هڪ رضوي خاندان سان هو. سندس مورث اعليٰ سيد موسيٰ ميرڪ جي مزار ايران جي شھر ’قم‘ ۾ آهي، هو ڪشمير مان لڏي ڪيترا سال ڪوهاٽ ۾ اچي رهيو، جتي دين جي تبليغ ڪيائين. مولوي سيد قاسم علي شاھہ ڪوهاٽ ۾ رهڻ ڪري ’ڪوهاٽي سيد‘ جي لقب سان مشھور ٿيو. ڪجهہ عرصي بعد ڪوهاٽ مان لڏي پشاور ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، جتان وري پنجاب جي استاد ذاڪرين سيد علي شاھہ جي معرفت خيرپور ۾ آيو ۽ ڪوٽڏيجيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. کيس ميرن پاران رياست خيرپور جو مفتي مقرر ڪيو ويو. سندس تعلق فقھ جعفريه سان هو. سندس تصنيفن ۾ فقھ جعفريه جا ڪتاب ۽ حاشيہ لکيل آهن، جيڪي سندس پوٽي مرحوم سيد محمد علي شاھہ ’جوهر‘ وٽ محفوظ هئا. سرائيڪيءَ ۾ سيف الملوڪ جي داستان جو منظوم ترجمو سندس اعليٰ پايي جي سخنوريءَ جي ساک ڀري ٿو. مولوي صاحب وڏو مبلغ ۽ مقرر ٿي گذريو آهي. محرم شريف جي ماتمي جلوسن ۾ دهلن ۽ نغارن وڄائڻ جو رواج ختم ڪيائين ۽ مذهبي ڪمن ۾ اصلاح آندائين. مولوي سيد قاسم علي شاھہ رضوي 4 ربيع الاول 1337ھہ/ 1916ع تي وفات ڪئي. سندس مزار ڪوٽڏيجي شھر ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو