رضوي سيد قطب شاھہ

رضوي، سيد قطب شاھہ: سيد قطب شاھہ رضوي 1130ھہ/ 1717ع ڌاري ڄائو. ميين شاھہ عنات رضويءَ جو پڙ پوٽو ۽ سيد بلال شاھہ جو پٽ هو. سندس شاعريءَ ۾ ميين شاھہ عنات، شاھہ شريف ۽ بلال شاھہ جو رنگ ڍنگ ڏسجي ٿو. ٻولي عام فھم ۽ مقصد ۾ پختگي سندس شعر جو خاص اهڃاڻ آهن. هڪ شاعر طور نج سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ ’ميين شاھہ عنات جو ڪلام‘ ۾ قطب شاھہ جا 150 بيت ڏنا آهن. خاص ڳالھہ تہ قطب شاھہ وڏين جي روايتن جي برعڪس ڪلهوڙن بدران ٽالپرن جي حمايت ڪئي. فقير صاحب ڪنهن ڪم سانگي ڪلهوڙي حاڪم وٽ ويو، پر سندس ڪم نہ ٿيو. ان تي قطب شاھہ چيو:
نڪي طبل تانهجو. نڪي نديءَ نير،
ڪلهوڙي جو ڪير، پٽيوسين پاتار مان.
-
ﷲ حسبي، ڪلهوڙن کان کسبي،
ٽالپرن کي ڏسبي، تنهان پوءِ پسبي.
سيد قطب شاھہ، ڪلهوڙن جي حڪومت جي خاتمي 1198ھہ تائين زندھہ رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو