رضوي، سيد محمد شريف: سيد محمد شريف رضوي، ميين شاھہ عنات جو پٽ هو. سندس صحبت ۽ تربيت سان گڏ کيس درويشپڻو ۽ شاعري ورثي ۾ ملي. 1050ھہ ڌاري ڄائو ۽ والد جي حياتيءَ ۾ ئي شايد 1115 ھہ ڌاري وفات ڪيائين. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب سيد محمد شريف بہ والد وانگر شاعر ٿي گذريو. ڪتاب ’ميين شاھہ عنات جو ڪلام‘ ۾ مؤلف سيد محمد شريف جا 82 بيت ۽ هڪ وائي ڏني آهي. شاعريءَ ۾ سندس رنگ ساڳيو والد وارو آهي. پيءُ ۽ پٽ جي شاعريءَ ۾ رس رهاڻ ٿيندي رهندي هئي. سندس شعر پڙهندي، شاعر جي نهٺائي، دل ۽ زبان جي صفائي ۽ فڪر جي گهرائيءَ واريون وصفون صاف نظر اچن ٿيون. شاھہ شريف حقيقت ۾ ميين شاھہ عنات جو همعصر ۽ هم صحبت شاعر ٿي گذريو آهي.