رضوي، سيد محمد ظھير: نامور عالم ۽ بزرگ سيد محمد ظھير بن سلطان علي شاھہ جو تعلق نصرپور جي رضوي سيدن جي گهراڻي سان هو. هي پنھنجي دؤر جو ماهر خوشنويس ۽ ڪاتب هو. خطاطيءَ ۾ ’خط نسخ‘ ۽ ’خط نستعليق‘ جو ڪامل استاد هو. هن جي لکيل قلمي ڪتابن ۾ ’بياض شعر و ادب‘ ۽ ’بياض قلمي‘ موجود آهن. هي بزرگ مير علي شير قانع جو همعصر هو. مير علي شير ’قانع‘ هن بزرگ لاءِ لکيو آهي تہ: ”انساني ڪماليتن سان موصوف آهي.“