رضوي، سيد محمد يوسف: هيءُ بزرگ مير جادم جو اولاد هو. سيد مبارڪ شاهه کان روحاني فيض پرايائين. سيد محمد جونپوريءَ جي وڏي مريد شيخ دانيال جي نظر جو تربيت يافته هو. پنهنجي بکر م رهندڙ ڀائرن ۽ سوٽن کان الڳ ٿي اچي ٺٽي ۾ رهيو. اڪثر ڪري مڪليءَ تي ان جاءِ تي عبادت جي گوشي ۾ گذاريائين، جتي سيد ميران محمد مهدي اچي منزل انداز ٿيو هو. ڀرسان ڪلهوڙا دور جو ٺٽي جو حاڪم سلطان سامٽيو آرامي آهي. سيد يوسف جي وفات جي تاريخ معلوم نه ٿي سگھي آهي. قانع لکي ٿو ته: سندس درگاهه سچي عقيدي وارن لاءِ ڏکن جي مصيبت کان نجات ۽ سندس زيارت خادمن لاءِ عزت جو باعث آهي. سيد محمد يوسف عباسي قاضين مان شادي ڪئي. سيد محمد يوسف جي ڏوهٽاڻ به نيڪوڪار ٿي گذري آهي.
سيد يوسف جي علمي ۽ ادبي ورثي بابت اڪثر ڪتاب خاموش آهن. البت انگريز دور ۾ مخدوم ابراهيم خليل تڪمله ’مقالات الشعراءَ‘ نالي فارسي گو شاعرن جو هڪ تذڪرو لکيو هو، جنهن ۾ سيد محمد يوسف مرحوم جي هڪ فارسي رباعي ڏنل آهي. سندس خاندان ٺٽي جي ثقافتي دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مير محمد شفيع همت ٻن سالن لاءِ مغل دور ۾ ٺٽي جو گورنر رهيو. هن پنهنجي پٽن جي نصيحت لاءِ فارسيءَ ۾ ’طلسم سعادت‘ نالي هڪ ڪتاب لکيو. مير نجم الدين ’عزلت‘ فارسي زبان جو نثر نويس ۽ شاعر به هو. هن 1160هه ۾ وفات ڪئي. ٺٽي جو عروضي شاعر سيد مير مرتضائي به سندس خاندان سان تعلق رکي ٿو، جنهن جو انگريزن جي دور سان تعلق آهي. محمد زمان شاهه زمان هن خاندان جو آخري سنڌي شاعر ٿي گذريو آهي. بعد ۾ خاندان مان علم، ادب ۽ ترقيءَ وارو رجحان ختم ٿي ويو. تيرهين ۽ ابتدائي چوڏهين صدي هجريءَ دوران ٺٽي جي رضوين مان به ڪي نامور فرد پيدا ٿيا.