رضوي سيد مير علي

رضوي، سيد مير علي: سيد مير علي رضويءَ کي مغلن جي دور ۾اورنگزيب بادشاھہ ’ڪار سنگرار‘ جو علائقو جاگير طور ڏنو هو. ان دور ۾ بکر ۾ مير يعقوب رضوي مغلن جو گورنر هو، جنهن سيد مير علي سان گڏجي علائقي ۾ بدامنيءَ کي ختم ڪيو. سنگرار جي ڀرسان ڀٽ تي سيد مير عليءَ جو قبرستان آهي، جتي سندس مزار ۽ هن سان گڏ سندس پٽن جون قبرون پڻ موجود آهن. قبرستان جي اتر طرف ناري جي پرڳڻيءَ ۾ هڪ ڍنڍ ۽ وڏي وڻڪار آهي. عام روايت آهي تہ سيد مير عليءَ کي ٻارهن پٽ هئا، جڏهن تہ روهڙيءَ جو نامور اديب عبدالحسين شاھہ موسوي، رضوي خاندان جي سرڪاري دستاويزن موجب روايت ڪري ٿو تہ مير علي رضويءَ کي ڪل 22 پٽ هئا. هنن جو اصل تعلق روهڙي شھر سان هو، بعد ۾ جاگيرن ملڻ ڪري اروڙ کان 12 ميل اوڀر طرف بڪار ۾ وڃي ويٺا، جتي گهڻي عرصي تائين سندس خاندان رهندو آيو. مير علي شير قانع ٺٽوي هن گهراڻي جو احوال لکيو آهي. سيد مير کي سيد شاھہ مردان جي نالي پٽ ٿيو، جنهن گهڻو اولاد ڇڏيو، جن مان هڪ پٽ مير شير پڻ هو. انهيءَ خاندان مان قانع جي زماني ۾ سيد لطف علي ۽ سيد مير موجود هئا. انهن وڏن کان مليل راڄداري ۽ زمينداري سنڀالي. انهن جو پنھنجي راڄن ڀاڳن ۾ وڏو اثر رسوخ هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو