رضوي، شاهه نصرالدين: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘ ڪتاب ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”شاهه عنات جو والد شاهه نصرالدين ولد سيد عثمان نصرپور ۾ ڄائو. سيد عثمان، سهتي صالح پوري جي نياڻي بيبي فاطمھ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽي پٽ ٿيا، جن مان شاهه نصرالدين ٻيو نمبر فرزند هو ۽ ننڍي هوندي کان ئي نيڪ سيرت، نيڪ دل ۽ عابد هو. سندس پهرين شادي عباس ڇڇر جي ڌيءَ سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ پٽ سيد احمد ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو، ان کانپوءِ ٻي شادي ڪمال خان لانگاهه جي گھران ڪيائين، جنهن مان پٽ ڪو نه ٿيس، پر ٻه نياڻيون ٿيس. ان کانپوءِ ٽين شادي افغانستان مان ڪيائين، پر اولاد ڪونه ٿيس.“
شاهه نصرالدين سهروردي طريقي جي علمبردار ملتان جي سجاده نشين بزرگن وٽ فيض لاءِ ويو. اتان بزرگن جو ارشاد ٿيس ته: ”اوهان سنڌ ۾ شاهه خيرالدين وٽ وڃو. شاهه خيرالدين ان وقت سنڌ ۾ قادري طريقي جو وڏو عارف ۽ ولي هو. شاهه نصرالدين روهڙيءَ مان ٻيڙي تي چڙهي درياهه ٽپي شاهه خيرالدين وٽ پهتو، جنهن سندس نالو پڇڻ بعد فقيرن کي حڪم ڏنو ته: ”هن کي ٻيڙيءَ تي چاڙهي پار اڪاري ڇڏيو.“ ان بعد ٻه دفعا موٽي بزرگ وٽ آيو، پر ساڳيو ئي جواب مليس. دروازي جي هڪ عابد ٻانهي هيءُ حال ڏسي کائنس حقيقت پڇي ۽ کيس چيائين ته: ”شاهي ڦٽي ڪر ته فيض حاصل ٿئي.“ بعد ۾ ٻيهر بزرگ وٽ حاضر ٿيو ۽ پڇڻ تي جواب ڏنائين ته ”سائين! منهنجو نالو نصرالدين آهي.“ اهو ٻڌي شاهه خيرالدين مٿس مهر جي نظر ڪئي ۽ کيس پنهنجي مريدن ۾ شامل ڪيو. شاهه نصرالدين پوءِ ڪافي عرصي تائين اتي ئي رهيو ۽ وڏي مڻيا وارو ٿيو. شاهه خيرالدين مٿس گهڻو مهربان هو. مرشد جي حڪم تي واپس آيو ۽ ’دل‘ ذات مان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، جيڪو ’ميين شاهه عنات‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. ميين شاهه عنات اڃا ڏهن ٻارهن ورهين جو مس هو ته سندس والد شاهه نصرالدين وفات ڪئي. شاهه نصرالدين، ميين شاهه عنات جي چوکنڊيءَ ۾ شيخ موسيٰ جي قبرستان (ٽنڊي الهيار کان 5 ميل اتر طرف) موجوده ڳوٺ ڀورل شاهه لڳ دفن ڪيو ويو.