رضوي، شاھہ نصرالدين: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’ميين شاھہ عنات جو ڪلام‘ ڪتاب ۾ ڄاڻائي ٿو تہ: ”شاھہ عنات جو والد شاھہ نصرالدين ولد سيد عثمان نصرپور ۾ ڄائو. سيد عثمان، سهتي صالح پوري جي نياڻي بيبي فاطمھ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽي پٽ ٿيا، جن مان شاھہ نصرالدين ٻيو نمبر فرزند هو ۽ ننڍي هوندي کان ئي نيڪ سيرت، نيڪ دل ۽ عابد هو. سندس پهرين شادي عباس ڇڇر جي ڌيءَ سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ پٽ سيد احمد ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو، ان کانپوءِ ٻي شادي ڪمال خان لانگاھہ جي گهران ڪيائين، جنهن مان پٽ ڪو نہ ٿيس، پر ٻہ نياڻيون ٿيس. ان کانپوءِ ٽين شادي افغانستان مان ڪيائين، پر اولاد ڪونه ٿيس.“
شاھہ نصرالدين سھروردي طريقي جي علمبردار ملتان جي سجادہ نشين بزرگن وٽ فيض لاءِ ويو. اتان بزرگن جو ارشاد ٿيس تہ: ”اوهان سنڌ ۾ شاھہ خيرالدين وٽ وڃو. شاھہ خيرالدين ان وقت سنڌ ۾ قادري طريقي جو وڏو عارف ۽ ولي هو. شاھہ نصرالدين روهڙيءَ مان ٻيڙي تي چڙهي درياھہ ٽپي شاھہ خيرالدين وٽ پهتو، جنهن سندس نالو پڇڻ بعد فقيرن کي حڪم ڏنو تہ: ”هن کي ٻيڙيءَ تي چاڙهي پار اڪاري ڇڏيو.“ ان بعد ٻہ دفعا موٽي بزرگ وٽ آيو، پر ساڳيو ئي جواب مليس. دروازي جي هڪ عابد ٻانهي هيءُ حال ڏسي کائنس حقيقت پڇي ۽ کيس چيائين تہ: ”شاهي ڦٽي ڪر تہ فيض حاصل ٿئي.“ بعد ۾ ٻيهر بزرگ وٽ حاضر ٿيو ۽ پڇڻ تي جواب ڏنائين تہ ”سائين! منهنجو نالو نصرالدين آهي.“ اهو ٻڌي شاھہ خيرالدين مٿس مھر جي نظر ڪئي ۽ کيس پنھنجي مريدن ۾ شامل ڪيو. شاھہ نصرالدين پوءِ ڪافي عرصي تائين اتي ئي رهيو ۽ وڏي مڻيا وارو ٿيو. شاھہ خيرالدين مٿس گهڻو مهربان هو. مرشد جي حڪم تي واپس آيو ۽ ’دل‘ ذات مان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، جيڪو ’ميين شاھہ عنات‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. ميين شاھہ عنات اڃا ڏهن ٻارهن ورهين جو مس هو تہ سندس والد شاھہ نصرالدين وفات ڪئي. شاھہ نصرالدين، ميين شاھہ عنات جي چوکنڊيءَ ۾ شيخ موسيٰ جي قبرستان (ٽنڊي الهيار کان 5 ميل اتر طرف) موجودہ ڳوٺ ڀورل شاھہ لڳ دفن ڪيو ويو.