
رضوي ماڪن شاهه
رضوي، ماڪن شاھہ: مشھور ڪهاڻيڪار، ڊرامانويس ۽ ڪمپيئر سيد ماڪن شاھہ ولد سيد جيئرو شاھہ رضوي، 11 نومبر 1960ع تي جهڏي، ضلعي ميرپورخاص ۾ پيدا ٿيو. ميرپورخاص مان بي. اي پاس ڪرڻ بعد پنھنجي اباڻي ڪرت زمينداريءَ سان لڳي ويو. شعر و سخن کيس ورثي ۾ مليل آهي. سندس خاندان ۾ شاھہ عنايت رضوي نصرپور وارو، مصري شاھہ رضوي، شاھہ شريف، قطب شاھہ، بلاول شاھہ، سيد عباس علي شاھہ ۽ لال حسين شاھہ ’سوز‘ جھڙا اعليٰ پائي جا شاعر ٿي گذريا آهن. کيس ننڍپڻ کان ئي ادب سان لڳاءُ هو. استاد مجذوب لاشاريءَ جي صحبت ۾ اچي ادبي کيتر ۾ پير پاتائين. هن باقاعدي لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي ’عزت جو سوال‘ ملير ڊائجسٽ ۾ ڇپي، جنهن بعد مختلف اخبارن، رسالن ۾ سندس مضمون، ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهن ٿيون. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي کيس نصير مرزا متعارف ڪرايو، جنهن کان پوءِ هو ڪيترن ئي پروگرامن ۽ سلسلن ۾ پنھنجي آواز جو جادو جاڳائيندو رهيو آهي.
سيد ماڪن شاھہ، شاھہ ڀٽائيءَ جي ستن سورمين وانگر ست سورما پڻ متعارف ڪرايا آهن. انهيءَ سان گڏ شاھہ جا پورهيت، شاھہ جا پکي جهڙن عنوانن تي مضمون لکي فيچر جي صورت ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ڪيا اٿس. سنڌ جا اهي ڳوٺ ۽ شھر جيڪي عورتن جي نالن سان آباد ٿيا، تن کي تاريخ جي روشنيءَ ۾ قلمبند ڪري ريڊيو تان نشر ڪرايائين. هن جا سنڌي ۽ اردو ڊراما پي. ٽي. وي سميت مختلف چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن، انهن ۾ آس، ڪجل ڀنا نيڻ، نصيب، پس آئينہ عورت ڪا هي، بکري لوگ، گوندر وڏا گهاءُ، آسرو، لھر لھر زندگي قابل ذڪر آهن.
سـنـدس ڪـهـاڻـيـــن جــا ٻـه ڪـتـاب: (1) زهــر جـهـڙي زندگي، ۽ (2) اجهاميو ٻرن شايع ٿي چڪا آهن. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2008ع ۾ سندس ڪتاب ’اجهاميو ٻرن‘ (2008ع) کي بھترين ڪهاڻي ڪتاب اوارڊ ۽ 50000 هزار روڪ (اٿارٽي ۽ ثقافت کاتي جو گڏيل) انعام ڏنو هو. سندس ٻہ شاديون آهن، ٻي شادي هن ڪهاڻيڪار امر خورشيد سان ڪئي. کيس چئن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي. هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.
1960.11.11 عيسوي
مشهور ڪهاڻيڪار، ڊرامانويس ۽ ڪمپيئر سيد ماڪن شاهه ولد سيد جيئرو شاهه رضوي، 11 نومبر 1960ع تي جهڏي، ضلعي ميرپورخاص ۾ پيدا ٿيو.