
رضوي محمد زمان شاهه
رضوي، محمد زمان شاھہ: نامور شاعر محمد زمان ولد سيد مرزان شاھہ 24 شعبان 1305ھہ/ 6 مئي 1888ع تي پيدا ٿيو. هيءُ ٺٽي جي رضوي سـاداتـن جـي پيرزادن جي پاڙي مان هو. محمد زمان شاھہ رضوي، نعتون، مرثيا، منقبتون، قصيدا، ڪافيون، مولود ۽ رباعيون وڏي تعداد ۾ لکيون. محمد زمان شاھہ مذهبي شاعريءَ ۾ ’زمان‘ ۽ باقي هر قسم جي شاعريءَ ۾ ’ساقي‘ تخلص استعمال ڪندو هو.
زمان شاھہ ساقيءَ جون ’عمر مارئي‘ ۽ ’سسئي پنھون‘ بابت ٽيھہ اکريون بہ چيل آهن، جن جي هرهڪ داستان ۾ ٽيھہ بيت ۽ هر هڪ مصرع ۾ ڇھہ سٽون آهن. هن ٻي ٽيھہ اکري صنعت توشيح بند ۾ جوڙي آهي. محمد زمان شاھہ خلافت تحريڪ دوران مولانا شوڪت عليءَ جي حيدرآباد ۾ آمد وقت، 6 صفر 1339ھہ/ 20 آڪٽوبر 1920ع تي ’اظهار افسوس‘، ’فرياد‘، ’مظلوم‘، ’فرياد قوم‘، ’فرياد بيڪسان‘ ۽ ’گلشن ماتم‘ وغيرہ جھڙا شعر چيا هئا. هن مولانا محمد علي جوهر جي قيد ۾ هجڻ دوران ’فرياد مسلم‘ عنوان سان نظم لکيو. ساڳيءَ طرح سندس قيد مان آزاديءَ وقت مبارڪباد جو غزل پڻ لکيو.
محمد زمان شاھہ رضوي شاعريءَ سان گڏ سياست ۾ بہ ڪافي دلچسپي ورتي. 1920ع ۾ آغا غلام مجدد مٽيارويءَ طرفان سڏايل خلافت ڪانفرنس ۾ ڀرپور حصو ورتائين. محمد زمان شاھہ جو سنڌيءَ ۾ ديوان موجود آهي، جنهن ۾ 150 کان مٿي غزل آهن، پر هو ديوان مڪمل ڪري نہ سگهيو.
محمد زمان شاھہ ’ساقي‘ رضويءَ، 16 مئي 1928ع/20 ذوالقعد 1347ھہ ۾ وفات ڪئي.
1888.05.06 عيسوي
نامور شاعر محمد زمان ولد سيد مرزان شاهه 24 شعبان 1305هه/ 6 مئي 1888ع تي پيدا ٿيو.
1928.05.16 عيسوي
محمد زمان شاهه ’ساقي‘ رضويءَ، 16 مئي 1928ع/20 ذوالقعد 1347هه ۾ وفات ڪئي.