ميون شاهه عنات رضوي جي درگاهه

ميون شاهه عنات رضوي جي درگاهه

رضوي ميون شاھہ عنات

رضوي، ميون شاھہ عنات: ميون شاھہ عنات رضوي، ڪلهوڙن جي اوائلي دور جو بلند پايي جو شاعر ۽ درويش ٿي گذريو آهي. هو نصرپور ۾ رهندڙ رضوي ساداتن جي هڪ برک ۽ بيٺل قبيلي جو فرد هو، ۽ هڪ وڏي اهل عيال وارو هو. ڪافي وڏي عمر پاتائين ۽ پنھنجي اولاد توڙي معتقدن ۽ مريدن جي تربيت ڪيائين. سنڌ جي خصوصاً لاڙ ۽ ٿرپارڪر وارن ڀاڱن (حيدرآباد، ٽنڊي الهيار، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ضلعن) سان سندس گهڻو واسطو رهيو ۽ عام توڙي خاص سندس برگزيده شخصيت ۽ دلپذير بيتن/ شاعريءَ کان گهڻي قدر متاثر ٿيا. ان کان سواءِ وقت جي ڪلهوڙن حڪمرانن، سندن نائبن توڙي وقت جي بيٺل ماڻهن وٽ پڻ هن درويش شاعر جي وڏي عزت هئي. سندس مشھور نانءَ نالي سببان سندس اولاد، وڏن جي موروثي نالي ’رضوي‘ جي بدران سندس ذاتي نالي پويان ’شاھہ پوٽا‘ سڏجڻ لڳو، جن ۾ پڻ شاعر، درويش، نيڪ مرد، عالم ۽ بااثر زميندار پيدا ٿيا.
شاھہ عنات رضويءَ جي درويشي ۽ شاعريءَ جون روايتون خاندان ۽ مريدن تائين محدود رهيون هيون، البت عوام ۾ ’شاھہ عنات ۽ شاھہ ڀٽائيءَ‘ جي چيل همخيال بيتن جون مقالون مشھور هيون، ان ڪري سنڌ، شاھہ عنات جي نالي کان واقف هئي، پر سنڌيءَ جي هن عظيم الشان آڳاٽي شاعر جو اڄ سوڌو جوڳو قدر نہ ڪيو ويو آهي. سنڌ جو نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پهريون عالم هو، جنهن سڀ کان اڳ هن جليل القدر شاعر جي ڪلام کي وڏيءَ محنت سان سهيڙي، آڪٽوبر 1963ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد پاران ’ميين شاھہ عنات جو ڪلام‘ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو.
سوانح حيات: ميين شاھہ عنات جو خاندان، سنڌ جي رضوي ساداتن سان تعلق رکي ٿو، جن ڇهين صدي هجريءَ ۾ اچي بکر ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هتي ٻن ٽن صدين بعد اتان هڪ شاخ لڏي اچي نصرپور کي وسايو، جنهن جي ’مبارڪ پوٽا‘ پاڙي مان شاھہ عنات پيدا ٿيو.
شاھہ عنات، سيد نصرالدين جو پٽ هو. سندس ولادت جو نالو ’سيد شاھہ عنايت ‘ هو، پر اڳتي هلي ’شاھہ عنات‘ جي نالي سان مشھور ٿيو، جيڪو نالو ’عنات‘ يا ’شاھہ عنات‘ شاعريءَ ۾ ڪتب آندائين، ۽ کيس عزت ۽ احترام مان ’ميون شاھہ عنات‘ سڏيو ويو. شاھہ عنات جي ولادت، بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو اندازو آهي تہ 1035- 1030ھہ مطابق 1625- 1620ع ڌاري ٿي هوندي ۽ سندس تعليم ۽ تربيت بابت لکي ٿو ته، ”وقت جي دستور موجب شاھہ عنات جو مڪتب ۾ ويهڻ ۽ ابتدائي تعليم پرائڻ قرين قياس نظر اچي ٿو، پر غالباً مدرسي جي اعليٰ تعليم حاصل ڪانہ ڪيائين، پر نصرپور جي رضوي ساداتن ۾ فارسي تعليم عام هئي. شاھہ عنات ڏهن ٻارهن سالن جي عمر جو مس هو، جو غالباً سندس والد شاه نصرالدين وفات ڪئي، جنهنڪري شاھہ عنات جي سنڀال وڏي ڀاءُ ميين احمد شاھہ ڪئي، پر خانداني روايتن مان گمان نڪري ٿو تہ ميون شاھہ عنات ننڍي هوندي قدري خود خيال ۽ رسمي پابندين کان آزاد هو. کيس راڳ ٻڌڻ جو شوق هو ۽ هو آزاديءَ سان عام ڪچهرين ۾ اٿڻ ويهڻ لڳو هو. شروع ۾ وڏي ڀاءُ ان ڳالھہ تان کيس منع ڪئي، پر آخر بيوس ٿي پاڻ پليائين. سندس مقامي لنگهن ۽ راڳين سان اچ وڃ هئي، جيڪا ڳالھہ سندس ڀاءُ ۽ عزيزن کي پسند نہ هئي. ان عرصي دوران شاھہ عنات عام بيتن واري شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. غالباً جوانيءَ واري دور ۾ قدم رکندي ميين شاھہ عنات پنھنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي، وڏي ڀاءُ جي محتاجي نہ ڪڍي ۽ ذاتي طور ناتا وڌايا ۽ مريدي خادميءَ جو سلسلو ڌار قائم ڪيو. سندس ناناڻن (جيڪي دل ذات سان واسطو رکندا هئا) ۽ هاليپوٽن سندس هر طرح مدد ڪئي. انهن راڄن مان ئي ميين شاھہ عنات شاديون ڪيون. هن جوانيءَ ۾ هاليپوٽن مان (طالب هاليپوٽي جي نياڻي بيبي ڌڃاڻيءَ ۽ اسمار هاليپوٽي جي نياڻيءَ بيبي صحت سان) ٻہ شاديون ڪيون. ٽين شادي هن ناناڻي پاڙي (’رمضان دل‘) مان بيبي هميءَ سان ڪئي.
شاھہ عنات جي والد جي گادي ۽ پڳ سندس وڏي ڀاءُ ميين احمد شاھہ جي حوالي هئي، ان ڪري شاھہ عنات کي پنھنجي جدا حويلي ۽ اوطاقن جو منڊل مچائڻو پيو.
ميين شاھہ عنات کي اوائلي جوانيءَ کان وٺي ڀلن وهٽن جو شوق هو، ڀلا گهوڙا ۽ گهوڙيون ڌاريائين، جن جو نسل سندس اولاد وٽ پيڙهي بہ پيڙهي هلندو آيو. گهوڙن ۽ گهوڙين سان گڏ ميين شاه عنات وٽ ٻيو مال، مينهون ۽ ڏاچيون بہ گهڻيون هيون.
ميين شاھہ عنات جوانيءَ واري دور ۾ شاديون ڪيون ۽ اولاد وارو ٿيو. پهرئين گهر مان کيس ٻہ پٽ ٿيا. ساڻن سندس بي انتها محبت هئي. شاھہ عنات جي آسپاس جي بيٺل ماڻهن، ڀاڳين ۽ راڄن سان ڏيٺ ويٺ وڌندي وئي ۽ موقعي بہ موقعي سندس چيل بيت عوام ۾ مشھور ٿيندا ويا. آخر جوانيءَ ۾، يا جوانيءَ جي موٽ بعد، ميين شاھہ عنات جي بزرگن ۽ درويشن سان ويجهڙائپ وڌندي وئي ۽ سندس چاهيندڙن جو حلقو بہ وسيع ٿيندو ويو.
غالباً هن ئي دور ۾ ميين شاھہ عنات، بزرگن ۽ درويشن جي ساراھہ ۾ بيت چيا ۽ سندس حقيقي شاعري هن عرصي ۾ ئي شروع ٿي. شاھہ عنات جي پنھنجي والد جي مسلڪ جي پيرويءَ ۾ قادري طريقي جي مرشد شاھہ خيرالدين سان خاص عقيدت ۽ وڏن جي سھروردي طريقي موجب غوث بھاءُ الدين زڪريا ۽ شيخ رڪن الدين سان محبت هئي. ان ڪري سندن روضن جون زيارتون ڪيائين ۽ سرود ڌناسريءَ ۾ سندن عقيدت ۾ بيت چيائين:
روضو شاھہ رُڪن جو، گوهر مٿس گل،
سماع جا سيد چئي، هاتڪ ڪرين هل . . .
-
غازي محمد غوث کي، اکيين لال مڻان،
پرڏيهان پنڌ ڪري، اچن گهوٽ گهڻان،
ﷲ لڳ عنات چئي، تنھنجي واڳ وڻان،
کلئو خاڪ کڻان، روضي رڪن شاھہ جي.
سرود ڌناسريءَ ۾ بادشاھہ پير دستگير شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي عقيدت ۾ پڻ شاھہ عنات جا بيت ملن ٿا:
پلؤ تنهنجو پير، سهجان وٺتم شيخ جي!
لڳاسون لغام سين، دلئان دستگير،
اوسيئڙو امير، ميران لاھہ مريد تان!
شاھہ خيرالدين جي درگاھہ تي ميون شاه عنات جوانيءَ کان پيريءَ تائين ويندو رهندو هو ۽ ان سان سندس ارادت هن جي آزاد طبع جي ساک ڀري ٿي ۽ اهو سنڌ ۾ تصوف جي سلسلي ۾ هڪ نمايان ۽ قدري اوائلي مثال آهي. ان کان سواءِ قلندر شهباز، مشائخ هوٿي، سيد علي شيرازي، شاھہ اويس قرني، حيدر شاھہ سنائي ۽ ٻين بزرگن سان پڻ شاھہ عنات جي عقيدتمندي هئي. شاھہ عنات، ڪلهوڙن حڪمرانن جو معترف هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي بابت سندس ٻہ بيت هيٺ ڏجن ٿا:
نسرئو نصير، چانڊڪي ۾ چنڊ ٿي،
ڪاڇو ڪوڙي ۾ ڪري، ملي ويٺو مير،
دمامي جي دؤنس سان، ڦري ٿيو فقير،
آهي هي عنات چئي، سندو سنڌ همير،
-
خاصي خدا آباد منجهہ، عطر ۽ عنبير،
جان جان ندي نير، تان تان طبل تنهنجو تجلو!
-
تون طرو طريلن جو، تنھنجي خانيءَ کاڌا کڳ،
يار محمد يار خدا جا، وهلا وارج وڳَ.
ميين شاھہ عنات جي وفات، ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دور ۾، 1130ھہ مطابق 1718ع ۾ ٿي. کيس پنھنجي والد جي ڀرسان، شيخ موسيٰ جي قبرستان (ٽنڊي الهيار کان پنج ميل اتر طرف موجودہ ڳوٺ ڀورل شاھہ لڳ) ۾ دفنايو ويو.
ميين شاھہ عنات کي پنج فرزند: سيد عبدالمعالي، سائينڏنو شاھہ، محمد شريف شاھہ، مصري شاھہ ۽ پير شاھہ هئا، جن مان محمد شريف شاھہ پنھنجي وقت جو سٺو شاعر هو.
ميين شاھہ عنات جو ڪلام: ميين شاھہ عنات جو ڪلام سندس زندگيءَ ۾ قلمبند نہ ٿيو، بلڪ سندس وفات کان 100 سال پوءِ سندس تڙپوٽي اميد علي شاھہ ولد قطب شاھہ سهيڙايو. ان ابتدائي قلمي نسخي (جنهن ۾ شاھہ عنات ۽ سندن پوين جو ڪلام شامل آهي) ۽ ٻين ذريعن مان هٿ آيل ڪلام کي نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سهيڙي، ’ميين شاھہ عنات جو ڪلام‘ عنوان سان، سنڌي ادبي بورڊ پاران 1963ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ائين شاھہ عنات جي ڪلام جي اشاعت، ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ هڪ وڏو انقلاب ٿي آئي. سندس ڪلام سنڌي شاعريءَ جي مسلسل ارتقائي اوج ۽ عروج جو ساکي آهي، ۽ شاھہ جي شعر جي تاريخي پسمنظر جو چٽو آئينو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو تہ شاھہ ڪريم وفات ڪئي (1030ھہ) تہ ميون شاھہ عنات ڄائو، ۽ ميين شاھہ عنات وفات ڪئي (1130ھہ) تہ ڀٽائي صاحب جوان ٿيو، سنڌي شاعريءَ جي ارتقا جي سلسلي ۾، ميون شاھہ عنات ڄڻ شاھہ ڪريم ۽ ڀٽائي صاحب جي وچ واري عرصي جي تقاضا پوري ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو ۽ سنڌي شاعريءَ جي مقدار توڙي اقدار جي لحاظ سان هو اُنهيءَ وچ واري دور جو نامور اڳواڻ ۽ علمبردار شاعر هو.“ . . . شاھہ عنات، قاضي قادن ۽ شاھہ ڪريم کان پوءِ پهريون وڏو شاعر آهي، جنهن جا 469 بيت ۽ 32 وايون، سرودن (سُرن) وار ۽ ٻيا موقعي وار بيت حاصل ٿيا آهن.
ميين شاھہ عنات کان اڳ مضمون ۽ معنيٰ جي لحاظ سان سنڌي شاعري ٻن نمونن جي ٿيندي هئي. هڪڙي چارڻن، ڀٽن، ڀانن ۽ سگهڙن جي شاعري، جنهن ۾ عوامي قصن ۽ داستانن، واقعن ۽ جنگين کي ڳايو ويندو هو ۽ ٻي شاعري عالمن، سالڪن ۽ صوفي شاعرن جي توحيد ۽ طريقت، اخلاقيات ۽ انساني قدرن جي پرچار واري هئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته، ”ميون شاھہ عنات پهريون ممتاز شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ هن ٻہ درياهيءَ جو پورو سنگم نظر اچي ٿو.“ ميين شاه عنات کان اڳ ڪن ٿورن شاعرن توحيد ۽ طريقت جي تبليغ لاءِ عوامي عنوانن کي استعمال ڪيو هو، ۽ اها شروعات هئي، مثلاً: شاھہ ڪريم ۽ ٻين شاعرن وٽ سنڌ جي عام قصن ۽ داستانن: مورڙي ۽ مانگر مڇ، سسئي پنهون، عمر مارئي، ليلان ۽ چنيسر، مومل ۽ راڻي، سھڻي ۽ ميهار، کاهوڙين وغيرہ جا اهڃاڻ ملن ٿا، پر شاھہ عنات پهريون شاعر آهي، جنهن انهن قصن سان گڏ ٻين مشھور سنڌي داستانن-
راءِ ڏياچ ۽ مڱڻي، نوري ۽ تماچي، کاري کيڙائن، جوڳين، سامين، پوربين، آتڻ ۽ ڪاپائتين، لاکي ۽ ريٻارين، ابڙي ۽ سامن، جکري وغيرہ جهڙن سخين کي بہ ڳايو آهي. ائين هن سنڌي شاعريءَ لاءِ نئون ۽ وسيع ميدان هموار ڪيو، جنهن کي اڳتي هلي شاھہ لطيف همه گير ۽ عالمگير بنائي ڇڏيو.
ميين شاھہ عنات جي ڪلام ۾ سنڌي شاعريءَ جون ٽي هيئتون يا قالب: بيت، مولود ۽ وائي ملن ٿا. شاھہ عنات کان اڳ جي شاعرن جي بيتن ۾ سنڌي دوهي کان وٺي بيت جي ارتقا جون صورتون ۽ بيان جي پختگي تہ ملي ٿي، پر شاھہ عنات جي بيتن ۾ پهريون ڀيرو لغت جي ڳوڙهائي ۽ بيان جي رنگيني بہ نظر اچي ٿي. مثال طور:
سائر لهريون، ريج وڻ، جِئن سي پکين پک،
وڏا وڻ ويڙين ۾، ڪير ڳڻيندو ڪک،
اونهون ڏيھہ عظيم جو، پييم تان نہ پرک،
تهان مٿي لک، ڀال ڀلي جا ڀانئيان!
-
سڻ ڏيو سر جهوپڙين، اڀي آجوهي،
اڱڻ منجهہ عنات چئي، پئي پاٻوهي،
کِوڻي ٻانھون ڏي، لوڪان ليکي وڄڙي.
اهڙيءَ طرح سنڌي ’وائي‘ بہ شاھہ عنات جي ڪلام ۾ هيئت، مضمون ۽ معنيٰ جي لحاظ سان اوج تي نظر اچي ٿي. شاھہ عنات جون 42 وايون، مولود، مدحيه، دعائيه، نصيحت، سر مارئي، سر ليلان، سر مومل راڻي، سُر سسئي، سر سورٺ، سر سارنگ، سر ڪاموڏ (گندري)، هنجن ۽ غنائي مضمونن تي مشتمل ملن ٿيون. اهڙيءَ طرح ’مولود‘ جو لفظ بہ پهريون ڀيرو شاھہ عنات جي وائيءَ ۾ ڪم آيو آهي:
چئو صلواة صدق سين، ايءُ ’مولود‘ مدام‘.
شاھہ عنات، راڳ جو بہ وڏو ڄاڻو هو، ان ڪري هن پنھنجي ڪلام کي ’سرودن‘ ۾ ورهايو، جيڪا روايت اسان کي پوءِ جي ڪلاسيڪي شاعرن وٽ ملي ٿي. شاھہ عنات جي ڪلام جا سرود، تسليم شده راڳن ۽ راڳڻين مطابق آهن. سندس راڳ جي ڄاڻ جو اندازو هيٺين سٽن مان ٿئي ٿو:
جاجڪ آهين ذات، تہ ويلا لھہ ’وهاڳ‘ جي!
-
چائين جان چارڻ، تان ويلا لھہ ’وهاڳ‘ جي!
شاھہ عنات، توحيد ۽ طريقت، سلوڪ ۽ نصيحت سان گڏ هر رنگ ۾ رڱيل شاعري ڪئي آهي. قصن ۽ داستانن کي دل کولي ڳايو آهي ۽ سنڌي شاعريءَ جي عنوانن کي وسعت ڏني آهي. شاھہ عنات، پنھنجي طبعي ذوق سان شاعر ٿيو ۽ شاعريءَ مان پورو حظ حاصل ڪيائين. ائين چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ سندس شاعريءَ جي ڏات، سندس عظمت، بزرگيءَ ۽ درويشيءَ جو باعث بڻي.
اها هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي تہ عام سنڌي داستانن ۾ مشھور عنوانن جي تاڃي پيٽي ۾ اڻيل ۽ سُر وار بيتن ۽ واين جي سٽاءَ ۾ سمايل شاعريءَ جي سنوار ۽ سينگار ۾ شاھہ عنات رضويءَ ۽ شاھہ لطيف جو شرف سڀني کان مٿانهون آهي. شاھہ عنات، شاھہ لطيف جو وڏو معاصر هو. ٻنهي سنڌي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر جي ارتقا ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. ميين شاھہ عنات قالب گهڙيا تہ شاھہ لطيف اُهي سوڌي سنواري ڀريا. شاھہ عنات ديوارن جا بنياد رکيا تہ شاھہ لطيف انهن تي عمارتون کڙيون ڪري ڏيکاريون.
شاھہ عنات ۽ شاھہ ڀٽائي: ميين شاھہ عنات ۽ ڀٽائي صاحب جي ملاقاتن ۽ رس رهاڻين بابت ڪيئي حڪايتون ملن ٿيون. ڀٽائي صاحب اڃا ننڍو هو تہ ميين شاھہ عنات وٽ رس رهاڻ لاءِ ايندو هو ۽ کيس ميين شاھہ عنات لاءِ وڏي عزت هئي. چيو وڃي ٿو تہ پنھنجي دور جي هنن ٻنهي وڏن شاعرن هڪ ٻئي جي ڀران بيت بہ چيا هئا. مثال طور:
شاھہ عنات:
پسي ڏونگر ڏار، جم هلڻ ۾ هيڻي ٿئين،
مجازاڻيون موٽيون، سُڻي پنڌ پچار،
پهرين پائج پرينءَ لئه، حقيقت جو هار،
سگهي لهندءِ سار، آرياڻي عنات چئي.
شاھہ لطيف:
پسي ڏونگر ڏاھہ، جِم هلڻ ۾ هيڻي وِهين،
لانچي لڪ لطيف چئي، پُٺيءَ ڪيچين ڪاھہ،
پُڇي پورج سسئي، بلوچاڻي باھہ،
اِن وڙائتي وَرَ جو، آسر هڏ مَ لاھہ،
جو اکنئون اوڏو آھہ، سو پرين پرانهون مَ چئو!
بهرحال، باوجود ننڍ وڏائيءَ جي، ٻنهي شاعرن هڪٻئي تي اثر ڇڏيا ۽ ٻنهيءَ جو شاعريءَ ۾ اعليٰ مقام آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ آهي تہ ميون شاھہ عنات، ڀٽائي صاحب جي آمد لاءِ ڄڻ تہ اڳواڻ بنجي آيو ۽ اچي ميدان سنواريائين، جنهن ۾ ڀٽائي صاحب پوءِ ڪونتل ڪُڏايا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو