رضيه سلطانه

رضيه سلطانه

رضيه سلطانه

رضيه سلطانه: رضيه سلطانه، تيرهين صدي عيسويءَ ۾ هندستان جي هڪ نامور حڪمران ٿي گذري آهي. هيءَ بادشاهه شمس الدين التمش جي ڌيءَ هئي، جنهن جو ترڪ سلجوقي نسل سان واسطو هو. 1255ع ۾ سندس پيدائش وقت ملڪ ۾ بغاوت پکڙيل هئي. هوءَ جڏهن جوان ٿي ته دهليءَ جي بادشاهه سلطان شمس الدين التمش کيس سندس ڏاهپ ۽ چالاڪيءَ جي ڪري پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪيو. رضيه تخت تي ويهڻ شرط سلطان جو لقب ماڻيو ۽ جنهن سبب پنهنجي سياسي حڪمت عمليءَ هيٺ لکنؤ کان ويندي ديبل تائين سڄي ملڪ جي اميرن ۽ گورنرن کي پنهنجي فرمانبرداريءَ تي مجبور ڪيائين. رضيه سلطانه وڏي ڏاهي ۽ هوشيار عورت هئي. هن پنهنجن مخالفن کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ خواجه مهذب الدين کي پنهنجو وزير مقرر ڪيو، پر هن جڏهن پنهنجي هڪ حبشي غلام جلال الدين ياقوت کي شاهي طنبيلي جو داروغو مقرر ڪيو ته پنجاب جو گورنر ملڪ اعزالدين اياز ۽ ڀنٽنڊا جو گورنر الطونيه سندس خلاف ٿي ويا. رضيه سلطانه لشڪر وٺي پنجاب ۾ داخل ٿي. جڏهن سندس لشڪر ڀنٽنڊا وٽ پهتو ته ناراض سردارن وجهه وٺي جلال الدين ياقوت کي قتل ڪري، رضيه سلطانه کي قيد بنائي، کيس ملڪ اختيارالدين الطونيه جي حوالي ڪيو ۽ التمش جي پٽ ۽ رضيه سلطانه جي ويڳي ڀاءُ معزالدين بهرام کي تخت تي ويهاريو. ان ڳالهه جي ڪري الطونيه گهڻو مايوس ٿي ويو. هن رضيه سلطانه کي قيد مان آزاد ڪيو ۽ ساڻس شادي ڪئي. ان کان پوءِ هو دهليءَ تي ڪاهي ويو.
13 آڪٽوبر 1240ع تي بهرام کين ڪئٽل وٽ شڪست ڏني ۽ ان جي ٻئي ڏينهن رضيه سلطانه ۽ الطونيه مقامي هندن هٿان قتل ٿي ويا.
رضيه سلطانه 1236ع کان 1240ع تائين صرف ساڍا ٽي سال بهادريءَ ۽ ڏاهپ سان دهليءَ جي تخت جي حاڪم رهي.


لفظ رضيه سلطانهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو