
رضيه سلطانه
رضيہ سلطانہ: رضيہ سلطانه، تيرهين صدي عيسويءَ ۾ هندستان جي هڪ نامور حڪمران ٿي گذري آهي. هيءَ بادشاھہ شمس الدين التمش جي ڌيءَ هئي، جنهن جو ترڪ سلجوقي نسل سان واسطو هو. 1255ع ۾ سندس پيدائش وقت ملڪ ۾ بغاوت پکڙيل هئي. هوءَ جڏهن جوان ٿي تہ دهليءَ جي بادشاھہ سلطان شمس الدين التمش کيس سندس ڏاهپ ۽ چالاڪيءَ جي ڪري پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪيو. رضيہ تخت تي ويهڻ شرط سلطان جو لقب ماڻيو ۽ جنهن سبب پنھنجي سياسي حڪمت عمليءَ هيٺ لکنؤ کان ويندي ديبل تائين سڄي ملڪ جي اميرن ۽ گورنرن کي پنھنجي فرمانبرداريءَ تي مجبور ڪيائين. رضيہ سلطانہ وڏي ڏاهي ۽ هوشيار عورت هئي. هن پنهنجن مخالفن کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ خواجہ مهذب الدين کي پنهنجو وزير مقرر ڪيو، پر هن جڏهن پنھنجي هڪ حبشي غلام جلال الدين ياقوت کي شاهي طنبيلي جو داروغو مقرر ڪيو تہ پنجاب جو گورنر ملڪ اعزالدين اياز ۽ ڀنٽنڊا جو گورنر الطونيه سندس خلاف ٿي ويا. رضيہ سلطانہ لشڪر وٺي پنجاب ۾ داخل ٿي. جڏهن سندس لشڪر ڀنٽنڊا وٽ پهتو تہ ناراض سردارن وجهہ وٺي جلال الدين ياقوت کي قتل ڪري، رضيہ سلطانہ کي قيد بنائي، کيس ملڪ اختيارالدين الطونيه جي حوالي ڪيو ۽ التمش جي پٽ ۽ رضيہ سلطانہ جي ويڳي ڀاءُ معزالدين بھرام کي تخت تي ويهاريو. ان ڳالھہ جي ڪري الطونيه گهڻو مايوس ٿي ويو. هن رضيہ سلطانہ کي قيد مان آزاد ڪيو ۽ ساڻس شادي ڪئي. ان کان پوءِ هو دهليءَ تي ڪاهي ويو.
13 آڪٽوبر 1240ع تي بھرام کين ڪئٽل وٽ شڪست ڏني ۽ ان جي ٻئي ڏينهن رضيہ سلطانہ ۽ الطونيه مقامي هندن هٿان قتل ٿي ويا.
رضيہ سلطانہ 1236ع کان 1240ع تائين صرف ساڍا ٽي سال بهادريءَ ۽ ڏاهپ سان دهليءَ جي تخت جي حاڪم رهي.