رضيہ ڀَٽي: رضيہ ڀَٽي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي، جتي هن انگريزي ادب پڙهيو ۽ 1967ع ۾ Illustrated Weekly of Pakistan سان وابستہ ٿي. ان کان پوءِ هو ماهوار ’هيرالڊ‘ ڏانهن منتقل ٿي ۽ 1975ع ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. سندس تحريرون جنرل ضياءُالحق کي پسند نہ آيون ۽ هُن سندس صحافت کي پسند نہ ڪندي ’هيرالڊ‘ کي بند ڪرائي ڇڏيو. 1989ع ۾ ’نيوز لائين‘ جي ايڊيٽر ٿي. 1994ع ۾ ’واشنگٽن بيسڊ انٽرنيشنل وومينس ميڊيا فائونڊيشن‘ پاران ايوارڊ مليس. هوءَ ٽيھہ سال صحافت سان وابستہ رهي ۽ 1996ع ۾ وفات ڪيائين.