
رفسنجاني علي اڪبر هاشمي
رفسنجاني، علي اڪبر هاشمي: ايران جو مشھور سياستدان ۽ 1997ع-1989ع تائين ايران جو صدر رفسنجاني علي اڪبر هاشمي 1934ع ڌاري رمان صوبي جي رفسنجان شھر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم مقامي مدرسي مان ورتي ۽ پوءِ قم شھر جي ديني مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتان روح ﷲ آيت ﷲ خمينيءَ جي شاگرد جي حيثيت سان گريجوئيشن ڪري حجة الاسلام بڻيو. هي بہ پنھنجي استاد وانگر محمد رضا پهلويءَ جي حڪومت جي خلاف هو. آيت ﷲ خمينيءَ جي ملڪ بدريءَ کان پوءِ هي ڪافي موقعن تي گرفتار ٿيو ۽ 77-1975ع جو عرصو جيل ۾ گذاريائين. 1979ع ۾ رضا شاھہ جي معزولي ۽ خمينيءَ کي اقتدار ملڻ بعد رفسنجانيءَ کي انقلابي ڪائونسل ۾ مقرر ڪيو ويو. رفسنجانيءَ سياسي صلاحيتن جي ڪري اسلامي جمهوري پارٽيءَ جو قائد بڻيو ۽ جلد ئي ايراني پارليامينٽ ’مجلس‘ جو سربراھہ بہ بڻيو. رفسنجاني 1989ع ۾ صدر طور اقتدار سنڀاليو ۽ 1991ع جي خليجي جنگ ۾ آمريڪا ۽ عراق ٻنهي تي تنقيد ڪئي. جنگ بعد هن اولھہ سان دوستيءَ وارا رابطا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. رفسنجاني 1993ع ۾ ٻيهر صدر منتخب ٿيو، پر 1997ع ۾ عهدي تان دستبردار ٿي ويو، ڇو تہ ايراني آئين مطابق صدر صرف ٻہ دفعا ئي چونڊجي سگهي ٿو.