رفيعه ملاح

رفيعه ملاح

رفيعه ملاح

رفيعه ملاح: شاعر، ڪالم نويس، محقق ۽ تعليمي ماهر رفيعه ملاح جو جنم 15 جولاءِ 1975ع تي نظر ‏حسين جي گهر، سيتا ننڍي، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. هن، ابتدائي تعليم، مئٽرڪ (1990ع)، انٽر (1992ع) جا امتحان ‏حيدرآباد بورڊ مان پاس ڪيا. بي.ا ي (آنرز- 1996ع)، ايم. اي (انگريزي ادب- 1997ع)، ايم. اي (سماجيات- ‏‏1999ع) ۽ بي. ايڊ (2005ع) جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. جڏهن ته ايم. ايڊ (2012ع) ‏پريسٽن يونيورسٽي (گلشن ڪئمپس، ڪراچي) ۽ ايم. فل (2015ع) جي ڊگري وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ ‏مان حاصل ڪيون. ان کانسواءِ سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايڊيوڪيشن، ڪراچي مان ابتدائي ٻاروتڻ واري تعليم ‏‏(‏E.C.E‏) ۾ ايڊوانس ڊپلوما جي ڊگري 2019ع ۾ مڪمل ڪئي. هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ. ڊي ‏ڪري رهي آهي. 1998ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري ۾ سوشل ويلفيئر آفيسر مقرر ٿي، 1999ع ۾ علامه آءِ. ‏آءِ قاضي چيئر ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ ۽ 2000ع ۾ اسريٰ ڪاليج، حيدرآباد جي منتظم/ڪوآرڊينيٽر ٿي رهي. ‏‏2001ع ۾ ٽنڊي آدم ۽ قاسم آباد جي گرلز ڪاليجن ۾ انگريزيءَ جي ليڪچرر رهي. 2005ع ۾ ڊائريڪٽوريٽ ‏آف رجسٽريشن اينڊ انسپيڪشن آف پرائيوٽ انسٽيٽيوشنز/اسڪولز ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عھدي تي فائز ٿي، ‏جتان پوءِ ترقي ماڻي 2010ع ۾ رجسٽرار مقرر ٿي. 2011ع ۾ کيس ثانوي تعليمي بورڊ، ڪراچيءَ ۾ ڪنٽرولر ‏‏(امتحان) مقرر ڪيو ويو. 2012ع کان 2013ع تائين سنڌ جي مڙني تعليمي بورڊن جي ڊپٽي سيڪريٽري ٿي ‏رهي. 2013ع ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن آف پرائيوٽ انسٽيٽيوشنز/اسڪولز جي ‏ڊائريڪٽر ۽ هڪ ڀيرو ٻيھر رجسٽرار مقرر ٿي. هن وقت ساڳئي اداري ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر هئڻ سان گڏ، ‏گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي، حيدرآباد ۾ ٽن سالن (2022ع کان) لاءِ سينڊيڪيٽ جي ميمبر پڻ آهي.‏ تعليمي ماهر ۽ محقق جي حيثيت ۾ هن ڪيترن ئي ڏيھي توڙي مقامي سطح جي ورڪشاپن، ‏سيمينارن ۽ تربيتي سکيا وارن پروگرامن ۾ شرڪت سان گڏ ڪيترائي پروگرام منعقد ڪرايا آهن. ان کانسواءِ ‏هن اخبارن ۾ عورتن جي حقن بابت جاڳرتا لاءِ ڪالم به لکيا آهن. هي فلاحي ڪمن ۽ سماجي مسئلن جي حل ۽ ‏ٻارن جي حقن جي لاءِ ڪافي سرگرم رهي آهي. هن ٻارن جي تعليم و تربيت لاءِ خانپور ۾ الحاج امير بخش ‏جوڻيجو چلڊرنز لائبرري ۽ دادو ۾ غلام محمد ملاح پبلڪ لائبرري سميت غلام محمد ملاح انٽرنيشنل ‏اسٽينڊرڊ انگلش لينگئيج ليب قائم ڪيا آهن. هن شاعريءَ ۾ حمد، نعت، منقبت، قومي ۽ ثقافتي گيت لکيا ‏آهن. ان کانسواءِ سندس نثري تصنيفن ۾: ‘عورت مرد ۽ فطرت ’ , ‘خشونت سنگهه جي چونڊ ڪالمن جي سنڌي ‏ترجمي تي مبني مجموعو’، ‘منھنجي زندگيءَ ۾ آيل مرد ۽ عورتون’ ۽ گرم جون آکاڻيون (ترجمو) شامل آهن.‏ کيس تعليمي ميدان ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ عيوض ڪيترائي مڃتا اوارڊ ۽ اعزاز ملي چُڪا آهن. پاڻ، ‏هن وقت ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ رفيعه ملاحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.05.15  عيسوي

شاعر، ڪالم نويس، محقق ۽ تعليمي ماهر رفيعه ملاح جو جنم 15 مئي 1975ع تي نظر ‏حسين ‏جي گهر، سيتا ننڍي، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سعيدالزمان عاطف
آزاد بلگرامي
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
شاهه احمد غوري
سونو خان ملاح:
ساره شگفته
صاحب راءِ آزاد
بلند فقير سولنگي
اسلم عباسي
عـبـدالرئـوف عـاصـي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون