رفيع الدين مولانا

رفيع الدين، مولانا: ممتاز عالمِ دين شاھہ رفيع الدين، حضرت شاھہ ولي رح جو فرزند هو. هن پنھنجي پيءُ کان حديث جو علم پڙهيو. 1176ھہ ۾ والد جي وفات کانپوءِ سندس تربيت وڏي ڀاءُ شاھہ عبدالعزيز ڪئي ۽ ان وٽ ئي رائج علمن جي تڪميل ڪيائين. ويهن سالن جي عمر ۾ مفتي ۽ مدرس جو عهدو سنڀاليائين. هن 20 ڪتاب لکيا، جن ۾ گهڻا تڻا عربي ۽ فارسيءَ ۾ ۽ ڪجهہ اردوءَ ۾ آهن، قرآن مجيد جو اردو ترجمو، تڪميل الصناعت الاذهان، مقدمة العلم، اسرار المحبت، تفسير آيت النور، العروض والقافيه، دفع الباطل، قيامت نامہ ۽ لطائفِ خمسه شاھہ رفيع الدين جا مشھور ڪتاب آهن. پاڻ 1163ھہ/ 1750ع ڌاري ڄائو ۽ 6 شوال 1233ھہ/ 9 آگسٽ 1818ع تي فوت ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو