
رفيق امروٽي
رفيق امروٽي: مشھور نعت گو شاعر رفيق امروٽيءَ جو اصل نالو سيد نظام الدين ولد سيد محمد شاھہ امروٽي آهي. سندس جنم 20 سيپٽمبر 1965ع تي امروٽ تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. سندس تعليم انٽر آهي ۽ عربي فارسي جي بہ ڄاڻ رکي ٿو. رفيق امروٽي درگاھہ عاليه قادريه راشديه امروٽ جي جيلاني سيدن مان آهي. سندس خاندان جو وڏو بزرگ سيد تاج محمد شاھہ امروٽي بلند پايه شاعر، عالم ۽ ريشمي رومال تحريڪ جو اڳواڻ هو. سيد رفيق امروٽيءَ جو ننڍپڻ کان ئي شاعري ڏانهن لاڙو هو. شاعريءَ جي سکيا سنڌ جي ناليواري شاعر نثار بزميءَ کان ورتائين. رفيق امروٽي شاعريءَ جي مڙني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر حمد، نعت ۽ مولود وڌيڪ لکيا اٿس. سندس ڪلام ڪيترن نعت خوانن ۽ فنڪارن ڳايو آهي، جن ۾: فوزيہ سومرو، برڪت ڀٽ، سرمد سنڌي ۽ مختيار شيدي وغيرہ شامل آهن. سندس ڪجهہ ڪلام ريڊيو تان بہ نشر ٿي چڪا آهن. رفيق امروٽيءَ جي نعتن جا ننڍا ننڍا ڪتاب بہ ڇپجي چڪا آهن. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ’رهبر اعظم‘ ۽ نعتيه ڪلام جو مجموعو ’پوک گلابن جي‘ (2004ع) ڇپجي چڪا آهن. رفيق امروٽي، سنڌيءَ کان سواءِ بلوچي، سرائيڪي، براهوي ۽ اردو زبانن ۾ بہ شاعري ڪئي آهي ۽ نثر ۾ ڪهاڻيون ۽ هڪ ناول ’قدرت جي سزا‘ لکيو اٿس.
1965.09.20 عيسوي
مشهور نعت گو شاعر رفيق امروٽيءَ جو اصل نالو سيد نظام الدين ولد سيد محمد شاهه امروٽي آهي. سندس جنم 20 سيپٽمبر 1965ع تي امروٽ تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.